گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪندس، ڪشميري عوام کي آزادي واري تحريڪ کي طاقت سان نٿو دٻائي سگهجي، آزادي تحريڪ جو سج ضرور اڀرندو: وزيراعظم نواز شريف

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪندس، ڪشميري عوام کي آزادي واري تحريڪ کي طاقت سان نٿو دٻائي سگهجي، آزادي تحريڪ جو سج ضرور اڀرندو: وزيراعظم نواز شريف

مظفر آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪندو، ڪشميري عوام کي آزادي واري تحريڪ کي طاقت سان نٿو دٻائي سگهجي، آزادي تحريڪ جو سج ضرور اڀرندو. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن هتي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن سان ملاقات ۾ چئي. آزاد ڪشمير جو صدر مسعود خان ۽ وزيراعظم راجا فاروق حيدر به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم نيويارڪ روانگي کان اڳ حريت اڳواڻن سان مشاورت لاءِ هي ملاقات ڪئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اڄ ڇنڇر ڏينهن نيويارڪ روانو ٿيندو. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام جو آزادي جو جذبو سندس ذهن ۽ دل ۾ ويٺل آهي اهو ئي سبب آهي جو هن سدائين مختلف فورمن تي ڪشمير مسئلي جي ڀرپور وڪالت ڪئي ۽ ان کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن مختلف موقعن تي پنهنجي تقريرن ۽ دنيا جي اڳواڻن سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ ڪشميري عوام جي حقيقي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪئي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته هو پنهنجي دوري دوران هڪ دفعو ٻيهر گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۽ عالمي اڳواڻن سان ٻه طرفي ملاقاتن ۾ به ڪشمير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪندو. هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي بي گناهه عوام جي خلاف بي پناهه ظلم ڪيا آهن جيڪي پنهنجي جائز خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن پاڻ والاريل ڪشمير جي عوام کي هي خودمختياري وارو حق ڏنو آهي جيڪو بدقسمتي سان هيستائين پنهنجي قرارداد تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي مقامي ۽ منصفاڻي آزادي واري جدوجهد جي بجا طور تي حمايت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان طرفان ڪشمير مسئلي تي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت والاريل ڪشمير ۾ رهندڙ اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان وابستگي جي عڪاس آهي. هن چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ هي عزم پختو ٿي رهيو آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشميري عوام جي جدوجهد والاريل ڪشمير جي آزادي تي پوري ٿيندي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته دنيا کي والاريل ڪشمير جي بي گناهه عوام جي خلاف وڌندي ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ ڇيرن واري بندوقن جي استعمال سان آزادي جي جدوجهد ڪندڙ سوين ماڻهن کي نور کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ هزارين زخمي ٿيا آهن، وزيراعظم چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي واري تحريڪ جو سج ضرور اڀرندو. هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته طاقت سان اهڙين تحريڪن کي دٻائي نٿو سگهجي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر مسعود خان وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ حريت اڳواڻن جو مظفر آباد ۾ آجيان ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم تمام حدون پار ڪري چڪا آهن، گذريل ڪجهه مهينن ۾ سوين بي گناهه ماڻهن کي شهيد جڏهن ته هزارن کي شديد زخمي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انهن سڀني وحشياڻي ظلمن باوجود والاريل ڪشمير جي عوام جدوجهد آزادي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم پاڪستان ڀارتي فورسز جي غير انساني ڪاررواين تي عالمي برادري کي آگاهه ڪرڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ خصوصي نمائندا موڪليا آهن، اسان ان ڏس ۾ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي پاڪستان جي وزيراعظم، حڪومت ۽ عوام جا بي حد ٿورائتا آهيون. حريت ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرل غلام محمد صفي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت کان اڳ مشاورت ڪرڻ تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس طرفان وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام آزادي جي جدوجهد لاءِ صاف حمايت تي وزيراعظم کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف ڪشميري عوام جي جذبن جي حقيقي عڪاسي ڪئي جنهن تي اسان ان جا بي حد ٿورائتا آهيون، اسان اميد رکون ٿا ته هو آمريڪا جي پنهنجي ايندڙ دوري دوران ڪشمير مسئلي کي وڌيڪ اجاگر ڪندو. هن وزيراعظم کي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي طرفان تجويزن تي ٻڌل دستاويز به پيش ڪيو، حريت اڳواڻن ۾ مير طاهر مسعود، محمد فاروق رحماني، محمود ساغر، عبدالمجيد مير، ايڊووڪيٽ پرويز، سيد يوسف نسيم، سيد فيض نقشبندي ۽ محمد رفيق ڊار شامل هئا. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد، ڪشمير معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري برجيس طاهر، وزيراعظم جا خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ آصف ڪرماڻي به ملاقات ۾ موجود هئا.