ريئر ايڊمرل عمران احمد پاڪستان نيوي جي لاجسٽڪس ڪمانڊ جي سربراهه جون ذميداريون سنڀالي ورتيون

ريئر ايڊمرل عمران احمد پاڪستان نيوي جي لاجسٽڪس ڪمانڊ جي سربراهه جون ذميداريون سنڀالي ورتيون

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19مارچ2018ء) ريئر ايڊمرل عمران احمد پاڪستان نيوي جي لاجسٽڪس ڪمانڊ جي سربراهه جي حيثيت سان پنهنجون ذميداريون سنڀالي ورتيون آهن، ڪمانڊ تبديلي جي پروقار تقريب پي اين ڊاڪيارڊ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ عهدو ڇڏيندڙ ڪمانڊر لاجسٽڪس ريئر ايڊمرل ساجد وزير خان ذميداريون نئين چونڊيل ڪمانڊر لاجسٽڪس جي حوالي ڪيون، ڪمانڊر لاجسٽڪس جي حيثيت سان ريئر ايڊمرل عمران احمد پاڪ بحريه جي سمورن يونٽس، جهازن ۽ اسٽيبلشمينٽس جي لاجسٽڪ سپورٽ ۽ مرمت ۽ مينيٽينينس جي سهولتن جو نگران اعليٰ هوندو، تقريب دوران نئين چونڊيل ڪمانڊر لاجسٽڪس کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، ان کانپوءِ ماتحت يونٽس جي سمورن سربراهن جو نئين ڪمانڊر لاجسٽڪس سان تعارف ڪرايو ويو، تقريب ۾ پاڪ بحريه جي آفيسرن، سيلرز ۽ سويلين ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.