پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي جي ڪويت ۾ نيول فورسز جي ڪمانڊر ۽ ڪمانڊر ڪوسٽ گارڊ سان ملاقات

پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي جي ڪويت ۾ نيول فورسز جي ڪمانڊر ۽ ڪمانڊر ڪوسٽ گارڊ سان ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19مارچ2018ء) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي ڪويت جي سرڪاري دوري دوران ڪويت جي نيول فورسز جي ڪمانڊر برگيڊيئر جنرل خالد عبدالله ۽ ڪمانڊر ڪوسٽ گارڊ ڪمانڊر شيخ مبارڪ علي يوسف الصباح سان ملاقاتون ڪيون، پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ڪويت نيول فورسز جي سربراهه برگيڊيئر جنرل خالد عبدالله سان ملاقات دوران ايڊمرل ظفر محمود عباسي گڏيل دلچسپي ۽ ٻه طرفي بحري تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي ملڪن جي بحري فوجن جي سربراهن تربيت، فني انفرادي قوت ۽ مهارتن جي فراهمي جي شعبن ۾ ٻنهي فوجن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڪويت نيوي کي ٽريننگ ۽ تربيت يافته افرادي قوت جي فراهمي جي سلسلي ۾ ڪويت نيول فورسز جي سربراهه پاڪ بحريه جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪ بحريه ۽ ڪويت نيوي جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ويجهي ۽ مضبوط بحري لاڳاپن تي زور ڏنو، برگيڊيئر جنرل خالد عبدالله علائقائي بحري امن ۽ استحڪام جي سلسلي ۾ موثر ۽ پائيدار قدم کڻڻ تي پاڪ بحريه جي ڪردار ۽ عزم کي ساراهيو، پاڪ بحريه جي سربراهه ڪويت ۾ پاڪستان جي سفير غلام دستگير ۽ هٿياربند فوج جي اڳوڻن عهديدارن به ملاقات ڪئي، پاڪ بحريه جي سربراهه جو دورو ٻنهي ملڪن خاص طور تي ٻنهي بحري فوجن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ مضبوطي ۽ سگهه جو سبب بڻجندو.