وزيراعظم پاران لي ڪي چيانگ کي چين جو ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪون

وزيراعظم پاران لي ڪي چيانگ کي چين جو ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪون

بيجنگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 19مارچ2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لي ڪي چيانگ کي عوامي جمهوريه چين جي اسٽيٽ قونصل جو ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري ٿيندڙ بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي چيني هم منصب کي ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته لي ڪي چيانگ جو ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ چيني عوام جي سندس قيادت جي صلاحيتن تي اعتماد جو ثبوت آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ پاڪستاني معاشري جا سمورا طبقا پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن جي مڪمل حمايت ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته چين – پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو چين جي ون بيلٽ ون روڊ قدم جو مشعل بردار منصوبو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن لاءِ شاندار موقعا فراهم ڪري رهيو آهي، ان منصوبي سان علائقائي رابطن کي فروغ ملڻ سان گڏوگڏ ترقي ۽ اقتصادي يڪجهتي جون منزلون به حاصل ٿينديون.