ملڪ ۾ هن وقت نيشنل بئنڪ جون 1561 برانچون ڪم ڪري رهيون آهن: ناڻي وزارت

ملڪ ۾ هن وقت نيشنل بئنڪ جون 1561 برانچون ڪم ڪري رهيون آهن: ناڻي وزارت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16مارچ2018ء) ناڻي وزارت پاران قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت نيشنل بئنڪ جون 1561 برانچون ڪم ڪري رهيون آهن، فاٽا سميت ڪنهن به علائقي ۾ نيشنل بئنڪ جي برانچ قائم ڪرڻ جي حوالي سان هنڌ جي نشاندهي ڪئي وڃي ته ان تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران نگهت مير پروين جي سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزارت قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ 2013ع تائين نيشنل بئنڪ جون 1400 برانچون آهن انهن برانچن مان 151 برانچن جو اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن فاٽا ۾ برانچن جي گهرج آهي ته علائقي جي نشاندهي ڪئي وڃي اتي نيشنل بئنڪ جي برانچ کولي ويندي.