مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سنڌ ۾ ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا آهن: ڊاڪٽر عباد الله

مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سنڌ ۾ ڪيترائي منصوبا  مڪمل ڪيا آهن: ڊاڪٽر عباد الله

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16مارچ2018ء) منصوبابندي ۽ ترقي واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر عباد الله قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت حيدرآباد – ڪراچي موٽر وي، گرين لائين، لياري ايڪسپريس وي ۽ سنڌ ۾ پاڻي جا منصوبا مڪمل ڪيا آهن، موجوده حڪومت ملڪي تاريخ ۾ 1001 ارب روپين جو تاريخي پي ايس ڊي پي رکيو آهي، جنهن تي عملدرآمد جاري آهي، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ڊاڪٽر نفيسه شاهه جي سوال جي جواب ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت پاران قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته پي ايس ڊي پي جو 18 -2017ع جو ماپو 1001 ارب آهي، مخصوص ڪيل رقم جي بهتر نموني استعمال جي ڏس ۾ وزارتن ۽ ڊويزن سان رابطي ۾ آهيون، 18 -2017ع جي پي ايس ڊي پي ۾ ڪٽوتي جو حڪومت جو ڪو به ارادو نه آهي، منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر عباد الله ٻڌايو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي منصوبن کان سواءِ غير منطور شده منصوبن جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام 18 -2017ع ۾ 60 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي، وسيم حسين چيو ته جيڪي پيپلزپارٽي جا ميمبر هتي ويهي فنڊن جي ڳالهه ڪندا آهن اهي ٻڌائين ته سنڌ ۾ ڇا پيو ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ اسان جي ميمبرن کي خريد ڪرڻ جو نوٽيس وٺي، ڊاڪٽر عباد الله چيو ته اسان اين ايف سي ايوارڊ جي ذريعي صوبن کي ان جو حصو ڏيندا آهيون، صوبن کي گهرجي ته هو ان فنڊ مان پنهنجي علائقن کي فنڊ ڏين، منهنجي تڪ ۾ به ڪي پي ڪي هڪ روپيو ناهي ڏنو، سيد نويد قمر چيو ته ڪراچي ۾ ڇا ترقي نه ٿي رهي آهي، نوڪريون ته اسان کي به نه ملي رهيون آهن، ڊاڪٽر عباد الله ٻڌايو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت حيدرآباد – ڪراچي موٽر وي، گرين لائين، لياري ايڪسپريس وي ۽ پاڻي جا منصوبا سنڌ ۾ مڪمل ڪيا آهن، موجوده حڪومت ملڪي تاريخ ۾ 1001 ارب روپين جو تاريخي پي ايس ڊي پي رکيو آهي.