اسان جي خواهش هئي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ متفقه اميدوار سامهون اچي ها پر ائين نه ٿي سگهيو: آفتاب احمد خان شيرپائو

اسان جي خواهش هئي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ متفقه اميدوار سامهون اچي ها پر ائين نه ٿي سگهيو: آفتاب احمد خان شيرپائو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مارچ2018ء) قومي پارٽي جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آفتاب احمد خان شيرپائو چيو آهي ته اسان جي خواهش هئي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ متفقه اميدوار سامهون اچي ها پر ائين نه ٿي سگهيو، عمران خان ۽ آصف زرداري ماضي ۾ هڪٻئي جي حوالي سان جيڪي لفظ استعمال ڪيا اهي رڪارڊ تي موجود آهن. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ متفقه اميدوار سامهون اچي ها ته ان سان سينيٽ جو وقار بلند ٿئي ها پر ائين نه ٿي سگهيو سمورين سياسي پارٽين پنهنجي پنهنجي مفادن کي ڏٺو پر سينيٽ جي مفاد کي ان لحاظ سان نه ڏٺو ويو، هن چيو ته عمران خان ۽ زرداري هڪٻئي جي حوالي سان جيڪي بيان ڏنا آهن اهي سڀني جي سامهون آهن، ان طرز عمل سان سياستدان ۽ پارٽي بدنام ٿيندي آهي، آفتاب شيرپائو چيو ته سينيٽ جي چونڊن کانپوءِ سڀني جو هڪ نڪاتي ايجنڊا اها هجڻ گهرجي ته ايندڙ عام چونڊن جي تياري ڪئي وڃي.