وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير جي رهائشگاهه تي ويو

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير جي رهائشگاهه تي ويو

لاهور (پاکستان نیوزپوائنٹ 17فروری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير جي رهائشگاهه تي ويو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ مصدق ملڪ پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم عاصمه جهانگير جي گهرڀاتين سان سندس لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ۽ تعزيت ڪئي ۽ مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مرحومه جي انساني حقن ۽ قانون جي شعبي ۾ خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو.