غريب ۽ پٺتي پيل علائقن جي عوام تائين علاج جي سستي سهولت پهچائڻ جي ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

غريب ۽ پٺتي پيل علائقن جي عوام تائين علاج جي سستي سهولت پهچائڻ جي ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 17فروری2018ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته غريب ۽ پٺتي پيل علائقن جي عوام تائين علاج جي سستي سهولت پهچائڻ جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ حڪومت سان گڏوگڏ طبي ادارا ۽ پيشيوراڻيون تنظيمون اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. صدر اها ڳالهه ڪالهه ڇنڇر ڏينهن 15 هين عالمي ڪارڊيڪ اليڪٽرو فيزيالوجي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي جنهن ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل پاڪستان آرمي ليفٽيننٽ جنرل انور علي حيدر، سرجن جنرل ۽ ڊي جي ميڊيڪل سروسز ليفٽيننٽ جنرل زاهد حميد، پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ کان ايندڙ دل جي مرض جي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته دل جي مرض جي تشخيص، علاج ۽ جراحي جا مرحلا ايترا مشڪل، ڊگها ۽ مهانگا آهن جو وچين ۽ غريب طبقو انهن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ان جو هڪ سبب ته اهو آهي ته اسان وٽ طبي تحقيق جي کوٽ آهي. ٻيو سبب اهو آهي ته اهڙن مرضن جي تشخيص ۽ علاج جي لاءِ گهربل اوزار ۽ مشينري درآمد ڪرڻي پوي ٿي جنهن جي ڪري علاج جي لاڳت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته انساني جان جي تحفظ لاءِ ضروري آهي ته علاج جي لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن ۽ مشينري جو معيار بهترين هجي پر ان سان گڏ اهو به ضروري آهي ته پيچيده مرضن جي علاج ۾ آساني پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن پٺتي پيل ۽ گهٽ آمدني وارا طبقا به ان مان فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته پاڪستان سميت دنيا جي مختلف حصن ۾ ان سلسلي ۾ ڪامياب تجربا ٿيا آهن. جيڪڏهن آرمي ميڊيڪل ڪور، ٻيا طبي ادارا ۽ پيشيور تنظيمون انهن معاملن تي ڌيان ڏين ته آئون سمجهان ٿو ته ان جا بهتر نتيجا نڪري سگهن ٿا. صدر اميد جو اظهار ڪيو ته لاڳاپيل ادارا ان معاملي تي ڌيان ڏئي هڪ وڏي خدمت انجام ڏئي سگهن ٿا. صدر چيو ته دل جي مرض جي پکيڙ جو اندازو انهن انگن اکرن مان به ٿئي ٿو جن موجب پاڪستان ۾ هڪ لک ماڻهو هر سال حياتي کان محروم ٿي وڃن ٿا. طبي ماهرن موجب ان جو هڪ سبب غيرصحتمند طرز زندگي به آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جي مسئلن جو تمام ئي سادو ۽ آسان حل موجود آهي ته خوش رهو ۽ ٻين کي به خوش رکو. هن شرڪت ڪندڙن کي چيو ته معاشري ۾ ديني تعليم موجب گڏيل لاڳاپن ۾ اخلاص ۽ خيرخواهي جي جذبن کي فروغ ڏين ته جيئن موجوده وقت جي ڪيترن ئي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي. صدر چيو ته دل جي مرض کان بچڻ جي لاءِ انسان کي پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ به تبديلي آڻڻي پوندي ۽ پنهنجي خوراڪ جو پڻ خاص خيال رکڻو پوندو. صدر ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته طبي سهولتن جي فراهمي ۽ ان جي تعليم ۽ تحقيق مسيحائن جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اهي انهن معاملن ۾ لاڳيتو مصروف عمل آهن. هن اميد جو اظهار ڪيو ته هي ڪانفرنس پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب رهندي ۽ ان شعبي جي انتهائي تجربيڪار ناليوارن ماهرن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ انهن کي هڪ ٻئي جي تجربن مان تمام گهڻو ڪجهه سکڻ جا بهترين موقعا فراهم ڪندي. صدر اطمينان جو اظهار ڪيو ته پاڪستان آرمي ميڊيڪل ڪور جي خدمتن جو دائرو اندرون ملڪ ئي نه پر پاڪستان کان ٻاهر تائين وسيع آهي ۽ هن گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ دنيا جي مختلف خطن ۾ ڏکويل انسانيت جي خدمت سرانجام ڏئي پاڪستان جي بهتر تشخص ۾ اضافو ڪيو آهي. هن آرمي ميڊيڪل ڪور جي خدمتن کي ساراهيو. هن خواهش جو اظهار ڪيو ته هو قوم جي مختلف طبقن ۾ وڌيڪ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي لاءِ خدمتن جي ان دائري ۾ صلاحيت پيدا ڪن.