مريم اورنگزيب پاران ناليواري فنڪار مطلوب الرحمان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مريم اورنگزيب پاران ناليواري فنڪار مطلوب الرحمان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 17فروری2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ناليواري فنڪار مطلوب الرحمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. مطلوب الرحمان زڪوٽا جن جي ڪردار سان مشهور ٿيو ۽ ٻارن سميت معاشري جي سمورن طبقن ۾ هڪ جهڙي مقبوليت حاصل ڪئي. مريم اورنگزيب ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته ناليوارو فنڪار مطلوب الرحمان پنهنجي فني سفر دوران تمام شاندار ڪردار پنهنجي ڀرپور صلاحيتن سان انجام ڏنا ۽ زڪوٽا جن جي ڪردار کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو. مملڪتي وزير چيو ته ماڻهن کي کلائيندڙ مطلوب الرحمان اڄ سڀني کي روئاري ويو ۽ سندس مداح سندس کوٽ سدائين محسوس ڪندا رهندا. هن مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.