وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16فروری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين (پي آءِ اي) ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي معاملن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نجڪاري واري وفاقي وزير دانيال عزيز ٻنهي ادارن جي مالي چئلينجز ۽ مستقل بنيادن تي امڪاني حل جي حوالي سان پريزنٽيشن ڏني. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ماضي جي بدانتظامي ۽ غفلت سان ٻنهي ادارن کي سخت نقصان ٿيو آهي، بدانتظامي جي ڪري پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز جي ملازمن کي به مشڪلاتون پيش آيون. وزيراعظم تفصيلي غور ويچار کانپوءِ پي آءِ اي ۾ نئين سر تنظيم جي لاءِ تجويزن جي تياري جي هدايت ڏني. نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پي آءِ اي جي اهم ۽ غيراهم شعبن کي جدا ڪيو وڃي. اجلاس ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي مالي ۽ انتظامي ۽ ملازمن بابت معاملن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ اسٽيل ملز جي حوالي سان سيڙپڪارن سان روينيو جي ورڇ جي بنياد تي مراعاتي معاهدي جي تجويز تي پڻ غور ڪيو ويو. وزيراعظم اسٽيل ملز جي حوالي سان جامع منصوبي جي تياري جي هدايت ڏيندي چيو ته منصوبي ۾ ملازمن بابت معاملن کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي.