اسان ادارن جو احترام ڪريون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته هر ادارو پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسان ادارن جو احترام ڪريون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته هر ادارو پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

حافظ آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 17فروری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان ادارن جو احترام ڪريون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته هر ادارو پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري، عوامي فيصلا عوام تي ڇڏيا وڃن، ملڪ جي ترقي لاءِ ادارا هڪ ٻئي جي عزت ڪن، ڌرڻن ۽ رڪاوٽن جي باوجود حڪومت ترقي جو سفر جاري رکيو، سينيٽ چونڊن ۾ پئسي ۽ ڌانڌلي سان چونڊجندڙن جو رستو روڪينداسين، عوامي نمائندگي جو حق رڳو عوام جي نمائندن کي آهي، پارليامينٽ واحد ادارو آهي جنهن جو هر 5 سالن کانپوءِ احتساب ٿئي ٿو، 20 ڪروڙ عوام جي چونڊيل نمائندن کي چور، ڌاڙيل، مافيا جهڙا لقب ڏيڻ صحيح نه آهي، مسلم ليگ (ن) عوام جي خدمت ڪئي آهي، 2018ع ۾ عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته انهن کي خدمت ڪندڙن جي چونڊ ڪرڻي آهي يا الزام بازي يا گاريون ڏيندڙن جي چونڊ ڪرڻي آهي. هو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن حافظ آباد ۾ قومي صحت ڪارڊ اسڪيم جاري ڪرڻ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي قومي صحت ڪارڊ اسڪيم جي حوالي سان دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. تقريب کي سائره افضل تارڙ پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، ميان شاهد ڀٽي، خواجه سليمان رفيق، ارشد لغاري، افضل تارڙ، مصدق ملڪ پڻ موجود هئا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي حافظ آباد ۾ وزيراعظم هيلٿ ڪارڊ اسڪيم تحت مستحقن ۾ هيلٿ ڪارڊ ورهائي افتتاح ڪيو. وزيراعظم چيو ته افضل تارڙ سان 30 سالن جي رفاقت آهي، هتي اچي خوشي ٿي، حق گوئي ۽ بي باڪي جي افضل تارڙ جي روايت سندس ڌيءَ زندهه رکي آهي. هن چيو ته ووٽ ڏيڻ وقت علائقي جي مسئلن سان گڏ اهو به ڏسو ته ڪهڙي شخصيت توهان جي نمائندگي ڪري سگهي ٿي، ملڪي سطح تي توهان جي نمائندگي ۽ توهان جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. سائره افضل تارڙ، شاهد ڀٽي سدائين علائقي جي ڳالهه ڪئي ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، اسان جي پارٽي نواز شريف جي قيادت ۾ اها پارٽي آهي جنهن عوام جا مسئلا حل ڪيا، ترقي جي ڳالهه ڪئي، ملڪ جا مسئلا حل ڪيا، جيترا منصوبا هنن 5 سالن ۾ مڪمل يا شروع ٿيا ان جو مثال 65 سالن ۾ نه ٿو ملي، اهي رڳو واعدا نه رڪارڊ جي ڳالهه آهي، 10 هزار 400 ميگاواٽ بجلي هن دور ۾ شامل ٿي، بجلي جي فراهمي جو بنيادي مسئلو ختم ڪيو ويو آهي، ٿورا گهڻا مسئلا رهندا، جڏهن هي حڪومت آئي گئس نه هئي، بجلي جا ڪارخانا بند هئا، ملڪ ۾ گئس درآمد ڪئي ويندي هئي، سي اين جي تي ڊگهيون قطارون هيون، اڄ 6 لک ٽن ڀاڻ ٻاهرئين ملڪ موڪليو آهي، سي اين جي جون لائينون ختم ڪيون، هي اهو جذبو هو جيڪو 2013ع ۾ نواز شريف کڻي اڳتي وڌيو، ڪيتريون ئي سازشون ٿيون، ڌرڻا لڳا اسان پنهنجو سفر اڳتي شروع ڪيو، نيشنل هيلٿ ڪارڊ رڳو نواز شريف جو ويزن هو، نواز شريف اميرن کي ملندڙ صحت جون سهولتون ملڪ جي غريب عوام کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي، اهو ووٽن جو مسئلو نه پر هڪ جذبو هو ته معياري طبي سهولتون عوام تائين پهچن. هن اسٽيٽ لائيف، اين آر ايس پي ۽ نادرا جا ان پروگرام ۾ معاونت تي ٿورا مڃيا. ان کان اڳ جون حڪومتون دعوائون ته گهڻيون ئي ڪنديون رهيون پر موقعي تي ڪم نه ٿيو، قومي صحت ڪارڊ اسڪيم هڪ اهم اسڪيم آهي، دنيا ان تي عملدرآمد جي حوالي سان ساڻن مشاورت ڪري ٿي، اها غريب ترين ماڻهن جي لاءِ اسڪيم هئي جيڪا ڪامياب ٿي، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ اها اسڪيم هلي رهي آهي. هن چيو ته اهو ڪامياب ترين پروگرام آهي، سياسي متڀيد کان مٿانهون ٿي غريبن کي اها سهولت ميسر آهي. هن چيو ته ان پروگرام کي وڌيڪ معياري بڻايو ويندو، ان جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو فائدو حاصل ڪن. شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت ڪم ڪري رهي آهي ان کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي آهي، فيصلو پوءِ ٿيڻو آهي، اهو فيصلو مٿانهون هوندو آهي جيڪو عوام جو فيصلو هوندو آهي، اسان سينيٽ جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏينداسين، پئسي جي ڏڍ تي اقتدار ۾ ايندڙ جو چونڊن کان اڳ ۽ بعد ۾ به مقابلو ڪنداسين، ضمير خريد ڪندڙ ڪڏهن به پاڪستان جي عوام جو نمائندو نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته عدالتن ۾ عوام جي نمائندن کي ڪڏهن چور، مافيا، ڌاڙيل چيو وڃي ٿو اهي شيون قابل قبول نه آهن، اسان ادارن جو احترام ڪريون ٿا اهي آئيني ادارا آهن، 20 ڪروڙ عوام جي چونڊيل نمائندن کي اهڙا لقب ڏنا وڃن ته عوام ان کي رد ڪري ٿي، سياسي فيصلو عوام پولنگ اسٽيشنن تي ڪري ٿي، لوڌران جي عوام اهو فيصلو ڪيو، اهو فيصلو 2018ع جي عام چونڊن ۾ به نطر ايندو، مسلم ليگ (ن) عوام جي خدمت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي 20 ڪروڙ نمائنده عوام جو ٺاهيل قانون رد ڪرڻ/ ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪنهن ملڪ ۾ به قابل قبول ناهن هونديون، اها عوامي راءِ جي نفي آهي، اسان سمورن ادارن جو احترام ڪريون ٿا، عدالتن جي فيصلن تي جيئن جو تيئن عمل ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، واحد ادارو پارليامينٽ آهي جنهن جو 5 سالن کانپوءِ احتساب ٿئي ٿو، ڪنهن ٻئي اداري جو احتساب نه ٿو ٿئي، هر 5 سالن کانپوءِ سياستدانن جو احتساب ٿئي ٿو، عوام سياستدانن جو احتساب ڪري ٿي ۽ نااهلن کي گهر موڪلي ٿي، اسان چاهيون ٿا ته هر ادارو آئيني حدن ۾ رهي ڪردار ادا ڪري، عوام جو مفاد مٿانهون رکي، ذاتي پسند يا ناپسند تي فيصلا نه ڪري. شاهد خاقان عباسي چيو ته هتي يونيورسٽي جو ڪئمپس قائم ڪيو ويندو، گئس پريشر ۽ نوان ڪنيڪشن ڏيڻ جو مسئلو حل ٿيندو، نٿي جٽان کان جلال پور ۽ بوريان والا ٻئي رستا ٺهندا، ميان شاهد ڀٽي جن ٻن رستن جي نشاندهي ڪئي آهي انهن جي مرمت ٿيندي، حافظ آباد شيخوپوره روڊ جي مرمت پڻ ڪنداسين، اهو توهان جو حق آهي.هن چيو ته عوام تي لازمي آهي ته اها سچ جي سياست چاهي ٿي يا ڪوڙ جي سياست چاهي ٿي، خدمت جي سياست چاهي ٿي يا الزام بازي ۽ گارين جي سياست اچي ٿي، فيصلو توهان کي ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجو منشور، ڪارڪردگي توهان آڏو رکي ڇڏي آهي هاڻي فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي.