پاڪ بحريه جي اسپيشل سروس گروپ ۽ رائل سعودي نيول فورسز جي اسپيشل آپريشن فورسز جي گڏيل مشق افعي الساحل چار ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي

پاڪ بحريه جي اسپيشل سروس گروپ ۽ رائل سعودي نيول فورسز جي اسپيشل آپريشن فورسز جي گڏيل مشق افعي الساحل چار ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16فروری2018ء) پاڪ بحريه جي اسپيشل سروس گروپ ۽ رائل سعودي نيول فورسز جي اسپيشل آپريشن فورسز جي وچ ۾ ٿيندڙ 15 ڏينهن واري ٻطرفي سامونڊي مشق افعي الساحل چار ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. اها مشق ٻنهي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ ٻطرفي سامونڊي تعاون جي اهم علامت آهي. ٻنهي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ گڏيل آپريشنز جي صلاحيت جو فروغ، پيشيواراڻي مهارت ۾ اضافي، دفاعي ٽيڪنيڪ ۽ طريقيڪار جي مشق ۽ سامونڊي دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ آپريشنز جي حوالي سان پيشيواراڻي تجربن جي مٽاسٽا مشق جا بنيادي مقصد هئا. سامونڊي مشق افعي الساحل ٻن مرحلن تي ٻڌل هئي. پهرين مرحلي ۾ زميني سرگرميون شامل هيون جنهن دوران ننڍن هٿيارن سان فائرنگ، اسنائپر فائرنگ، ڪلوز ڪوارٽر ڪمبيٽ، دشمن جي هدفن تي حملن جي مشق سان گڏوگڏ رات جي وقت ۾ ڪيل خصوصي آپريشنز ۽ دفاعي حڪمت عملي جي ريهرسل ڪئي وئي. پهرين مرحلي دوران ڪيل مشقن سان ٻنهي سامونڊي فوجن کي کليل سمنڊ ۾ آپريشنز جي لاءِ گهربل صلاحيت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي. مشق جي ٻئي مرحلي دوران کليل سمنڊ ۾ سامونڊي دهشتگردي، سامونڊي ڌاڙيلن ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ اسپيشل ميري ٽائيم آپريشنز ڪيا ويا. مشق جو ٻيو مرحلو فائنل ٽيسٽ ايڪسرسائيز (ايف ٽي ايڪس) سان پڄاڻي تي پهتو. رائل سعودي نيول فورسز جو اسپيشل آپريشن فورس ڪمانڊر، ڪموڊور حمدان صالح الشهري پڻ ان موقعي تي موجود هو. جنهن مشق ۾ شريڪ ٻنهي سامونڊي فوجن جي ٽيمن جي پيشيواراڻي ڪارڪردگي ۽ صلاحيت کي ساراهيو ۽ چيو ته ان مشق سان روايتي ۽ غيرروايتي خطرن جي خلاف آپريشنز جي حوالي سان هم آهنگي کي هٿي ملندي. مجموعي طور تي مشق جا سمورا هدف ۽ مقصد حاصل ڪيا ويا ۽ اهي ٻنهي فوجن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿي. پاڪ بحريه ۽ رائل سعودي نيول فورسز جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي هڪ ڊگهي تاريخ موجود آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گهري ڀائراڻن رابطن جي علامت آهي. ٻنهي ملڪن جي اسپيشل فورسز جي وچ ۾ ٿيندڙ سامونڊي مشق افعي الساحل ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اعتماد جو اظهار آهي.