انڊونيشيا جو صدر جوڪو ويدودو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري روانو

انڊونيشيا جو صدر جوڪو ويدودو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري روانو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ27جنوری2018ء) انڊونيشيا جو صدر جوڪو ويدودو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري روانو ٿي ويو. صدر ممنون حسين انڊونيشين پنهنجي هم منصب ۽ خاتون اول ايريانا ويدودو کي رخصت ڪيو. انڊونيشيا جي صدر جمعي ڏينهن وزيرن ۽ ڪاروباري برادري تي ٻڌل هڪ وفد سان گڏ پاڪستان پهتو هو. نور خان ايئربيس تي معزز مهمانن کي الوداع ڪرڻ جي موقعي تي صدر ممنون حسين سان گڏ خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين، وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، سينيٽر عائشه رضا ۽ پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري تهمينه جنجوعه پڻ موجود هئا. پنهنجي روانگي کان اڳ انڊونيشيا جي صدر پاڪستان ايئرفورس جي جي ايف 17 ٿنڊر جهاز جو پڻ معائنو ڪيو جيڪو ايئربيس تي موجود هو. ان موقعي تي ونگ ڪمانڊر عدنان معزز مهمان کي جديد ترين جهاز جي خاصيتن ۽ فنڪشنز کان آگاهه ڪيو. پنهنجي دوري دوران انڊونيشيا جي صدر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته صدر ويدودو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل واپار جي فروغ جي حوالي سان مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي معاهدن ۽ ٻين دستاويزن تي پڻ صحيحون ڪيون. صدر ممنون حسين پاڪستان جي دوري تي آيل معزز مهمان جي مان ۾ آجياڻو ڏنو. صدر جوڪو ويدودو جو پاڪستان جو هي پهريون دورو هو. 2012ع ۾ انڊونيشيا جي صدر سوسيلو بمبانگ ڊي ايٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪيو هو.