انڊونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال

انڊونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ27جنوری2018ء) انڊونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وزيراعظم هائوس اچڻ تي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. انڊونيشيا جي صدر کي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو. هن گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ پاڪستان ايئر فورس جي ٽن جي ايف 17 ٿنڊر جهازن ونگ ڪمانڊر ڪاشف ڪمال جي قيادت ۾ 500 فٽ تائين هيٺئين اڏام ڪندي معزز مهمان کي سلامي پيش ڪئي ۽ فلائي پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي انڊونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو سان وفاقي وزير محمد پرويز ملڪ، سردار اويس احمد خان لغاري، ڄام ڪمال خان ۽ ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل، پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري تهمينه جنجوعه سميت تقريب ۾ موجود ٻين عملدارن جو پڻ تعارف ڪرايو ويو.