وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گوادر ايڪسپو ۽ گوادر فري زون جي افتتاح لاءِ گوادر پهتو

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گوادر ايڪسپو ۽ گوادر فري زون جي افتتاح لاءِ گوادر پهتو

گوادر (پاکستان نیوزپوائنٹ29جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گوادر ايڪسپو ۽ گوادر فري زون جي پهرين حصي جي افتتاح لاءِ سومر ڏينهن هتي پهچي ويو، گهرو وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب به ساڻس گڏ آهن، پهرين عالمي گوادر ايڪسپو سومر تي شروع ٿي رهي آهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ٻن ڏينهن واري نمائش جو افتتاح ڪندو، نمائش ۾ غير ملڪي شخصيتون، سفير ۽ سڄي دنيا کان واپاري نمائندا شريڪ ٿي رهيا آهن، ان موقعي تي گوادر فري زون جي پهرين حصي جو افتتاح به ٿيندو، فري زون جو پهريون حصو چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي گيٽ وي تي قائم ڪيو ويو آهي، فري زون سان وچ ايشيا سميت دنيا جي مختلف حصن تائين واپار کي فروغ حاصل ٿيندو، جاگرافيائي طور تي اهم فري زون عالمي سيڙپڪارن جي لاءِ به مددگار هوندو، گوادر فري زون جي افتتاح جي موقعي تي ايڪسپو 2018ع جو مقصد گوادر بندرگاهه ۽ گوادر فري زون کي اڀرندڙ واپاري مرڪز طور اجاگر ڪرڻ ۽ گوادر جي منصوبن سان پيدا ٿيندڙ موقعن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ به آهي. هي نمائش سيڙپڪاري، روزگار جي موقعن ۾ اضافي ۽ واپاري سرگرمين جي فروغ لاءِ مقامي ۽ غير ملڪي ڪاروباري شخصيتن، سيڙپڪارن ۽ سرڪاري عملدارن کي ملاقات جو هڪ پليٽ فارم فراهم ڪندي جنهن سان ان وڏي منصوبي جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهبو. نمائش جو اهتمام گوادر جي ترقياتي اداري ۽ چين جي پرڏيهي ملڪ بندرگاهن بابت معاملن جي انتظامي ڪمپني گڏيل طور تي ڪيو آهي.