وزيراعظم سان ورلڊ بئنڪ جي وفد جي ملاقات

وزيراعظم سان ورلڊ بئنڪ جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ27جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ورلڊ بئنڪ جي ريجنل وائيس پريزيڊنٽ انيتي ڊڪسن جي سربراهي ۾ عالمي بئنڪ جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پاڇا موٺوايلان گووان، عالمي مالياتي اداري (آءِ ايف سي) جي علائقائي نائب صدر سنيزاناسٽائلي ڪوويڪ ۽ نديم صديقي پڻ انيتي ڊڪسن سان گڏ هئا. پاڻي وسيلن واري وزير سيد جاويد علي شاهه، پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري تهمينه جنجوعه، ناڻي وارو سيڪريٽري عارف احمد خان، پاڻي وسيلن وارو سيڪريٽري شمائل احمد ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پڻ ملاقات دوران موجود هئا. ملاقات دوران ورلڊ بئنڪ جي حصيداري سان شروع ڪيل مختلف ترقياتي منصوبن ۽ ڀارت سان ڪشن گنگا ۽ ريٽل جي منصوبن تي تڪرار پڻ بحث هيٺ آيو. وزيراعظم وفد کي موجوده حڪومت جي مجموعي سڌارا ايجنڊا بابت آگاهه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ اقتصادي انگ اکر ۽ اقتصادي ترقي کي وڌڻ طرف گامزن ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. وزيراعظم چيو ته امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري ۽ توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ ۽ سي پيڪ تحت شروع ڪيل وڏي انفراسٽرڪچر ۾ اڳڀرائي سان معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ مجموعي اقتصادي آئوٽ لُڪ ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم زور ڀريو ته پاڪستان جاري ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ورلڊ بئنڪ جي تعاون جو خواهشمند آهي ۽ خاص طور تي اميد ڪري ٿو ته ورلڊ بئنڪ سنڌ طاس معاهدي تحت مقرر ٿيل پنهنجو ڪردار موثر طور تي ادا ڪندي ڀارت سان پاڻي جي تڪرار کي حل ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو. مس انيتي ڊڪسن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته عالمي بئنڪ پاڪستان سان پنهنجو تعاون جاري رکندي.