پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ٻطرفن واپاري لاڳاپن جي فروغ لاءِ مختلف مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون

پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ٻطرفن واپاري لاڳاپن جي فروغ لاءِ مختلف مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ27جنوری2018ء) پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ٻطرفن واپاري لاڳاپن جي فروغ لاءِ مختلف مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ٿيون. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ انڊونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن صحيحن واري تقريب جو مشاهدو ڪيو. توانائي ڊويزن واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري، واپار واري وزير محمد پرويز ملڪ ۽ ٻين انڊونيشيائي هم منصبن ايگنا سيوس جونان ۽ اينگارتياستو لوڪيتو دستياويزن تي صحيحون ڪيون. انهن مفاهمتي ياداشتن ۾ انڊونيشيا سان ايل اين جي ۽ پيٽروليم جي مصنوعات جي درآمد، واپاري سهولتن، 20 نئين ٽيرف لائينز جي لاءِ ترجيحي واپاري معاهدي تي صحيحون ۽ فارن سروس اڪيڊمي ۽ انڊونيشيا جي تعليم ۽ تربيت بابت سينٽر جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشتون شامل آهن.