پاڪستان دهشتگردي جي خلاف شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان دهشتگردي جي خلاف شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12جنوری2018ء)  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ اسان جي سرزمين تي دهشتگردن جا ڪي ڳجها ٺڪاڻا نه آهن. جمعي ڏينهن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف موثر ڪاررواين جي نتيجي ۾ دهشتگردن جي ڪارروايون ڪرڻ جي صلاحيت جو گهڻي حد تائين خاتمو آندو ويو آهي، وزيراعظم چيو ته رياست قومي سلامتي بابت چئلينجن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ اندروني ۽ ٻاهرين مسئلن مان سرخرو ٿي رهي آهي، هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف آپريشن ”رد الفساد“ معاشري کي انتهاپسندن جي ”سليپرز سيلز“ ۽ همدردن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ جاري آهي، هن چيو ته هن وقت سلامتي جي فضاءُ تمام نازڪ آهي ۽ هي اڀرندڙ چئلينجز ۽ موقعن جي گڏيل صورتحال جي حامل آهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪورس گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏيندي انهن تي زور ڏنو ته هو ملڪ کي درپيش خطرن جي خلاف قومي رد عمل جي جوڙجڪ ۾ مددگار قدم کڻن. هن شرڪت ڪندڙن جي قومي سلامتي تصورن جي جوڙجڪ ۽ نئين سر جوڙجڪ ۽ سويلين پاليسي سازن کي قومي سلامتي بابت معاملن جي بهتر ادراڪ پيدا ڪرڻ ۾ اين ڊي يو جي ڪردار کي ساراهيو، ان کان پوءِ وزيراعظم ڪورس جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا، هي تقريب نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي پڄاڻي تي منقعد ٿي جيڪا گذريل آگسٽ ۾ شروع ٿيو هو ۽ 29 چونڊيل شرڪت ڪندڙن ۾ سول سروس آف پاڪستان سان گڏوگڏ هٿياربند فوج جا ميمبر شامل هئا، ڪورس جو بنيادي محور شرڪت ڪندڙن کي قومي سلامتي جي حوالي سان مختلف رخن جي باري ۾ بهتر آگاهي فراهم ڪرڻ هو، ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پاڪستان جي موجوده چئلينجز ”پوري قوم جي سوچ“ جي ذريعي سلامتي رد عمل جي گهرجائو آهي، تقريب ۾ دفاع وارو وزير خرم دستگير خان، گهرو وزير احسن اقبال، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل سهيل امان، قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه ۽ ٻين سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.