سريلنڪا جي صدر ۽ واپار واري وفاقي وزير محمد پرويز ملڪ پاران ڪولمبو ۾ پاڪستاني مصنوعات جي نمائش جي ٽئين ايڊيشن جو افتتاح

سريلنڪا جي صدر ۽ واپار واري وفاقي وزير محمد پرويز ملڪ  پاران ڪولمبو ۾ پاڪستاني مصنوعات جي نمائش جي ٽئين ايڊيشن جو افتتاح

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12جنوری2018ء) سريلنڪا جي صدر ايچي مٿري پالاسري سينا ۽ واپار واري وفاقي وزير محمد پرويز ملڪ سريلنڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر شاهد احمد حشمت سان گڏ گادي واري شهر ڪولمبو ۾ پاڪستاني مصنوعات جي نمائش جي ٽئين ايڊيشن جو افتتاح ڪيو. نمائش جو انعقاد ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) سريلنڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جي تعاون سان ڪيو. نمائش ۾ پاڪستان جون وڏيون ڪمپنيون پنهنجي مصنوعات جي نمائش ڪنديون. سريلنڪا پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر شاهد احمد حشمت افتتاحي لفظن ۾ چيو ته نمائش جي انعقاد جو مقصد پاڪستاني مصنوعات جو فروغ ۽ سريلنڪا سان ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جنهن سان ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري کي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته نمائش سان سريلنڪا جي واپارين کي نه رڳو پاڪستاني مصنوعات کان آگاهي حاصل ٿيندي پر ٻنهي ملڪن جي واپارين کي هڪٻئي سان رابطا وڌائڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته نمائس جو انعقاد وڏي ڪاميابي آهي، ان موقعي تي خطاب ڪندي واپار واري وفاقي وزير محمد پرويز ملڪ چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ پائيدار سفارتي لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ بهترين معاشي لاڳاپن جا حامل آهن، سريلنڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آهي، هن چيو ته پاڪستان هڪ اڀرندڙ معيشت آهي، موجوده حڪومت غير ملڪي واپارين جي لاءِ بهترين ماحول فراهم ڪيو آهي جنهن سان هو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ان طرح جي نمائشن سان ٻنهي ملڪن جي واپارين ۽ شهرين کي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ جو موقعو ملندو. نمائش جي افتتاح کانپوءِ سريلنڪا جي صدر ۽ پاڪستان جي حڪومتي نمائندن مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ نمائش ۾ رکيل مختلف مصنوعات جو جائزو ورتو، سريلنڪا جي صدر پاڪستان ۾ ٻڌ مت ورثي بابت ڪتاب، سي ڊي ۽ ڪتابچو پيش ڪيو، نمائش ۾ سريلنڪا جي وزيرن، پارليامينٽرين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي، نمائش 14 جنوري 2018ع تائين جاري رهندي.