نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو، انقلاب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر رڳو ڪم سان اچي ٿو، ماضي ۾ منصوبن جا اعلان ۽ سنگ بنياد رکيا ويندا هئا جڏهن ته منصوبا مڪمل نه ٿيندا هئا: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو، انقلاب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر رڳو ڪم سان اچي ٿو، ماضي ۾ منصوبن جا اعلان ۽ سنگ بنياد رکيا ويندا هئا جڏهن ته منصوبا مڪمل نه ٿيندا هئا: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پشاور (پاکستان نیوزپوائنٹ13جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو، انقلاب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر رڳو ڪم سان اچي ٿو، ماضي ۾ منصوبن جا اعلان ۽ سنگ بنياد رکيا ويندا هئا جڏهن ته منصوبا مڪمل نه ٿيندا هئا، اسان جي حڪومت جيڪو منصوبو شروع ڪيو اهو مڪمل ڪيو، موجوده حڪومت هزارين ڪلوميٽر موٽرويز ۽ 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي جڏهن ته نيشنل انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، نوجوانن کي روزگار ملندو ته انتهاپسندي جو خاتمو ٿيندو. هو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي پشاور ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ڪي پي ڪي جو گورنر ظفر اقبال جهڳڙا، آءِ ٽي واري وزير انوشه رحمان خان، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، انجنيئر امير مقام ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پبلڪ پرائيويٽ حصيداري ۾ قائم اداري جو افتتاح هن علائقي ۽ آءِ ٽي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هي انڪيوبيشن سينٽر پائليٽ پراجيڪٽ آهي. هن چيو ته هزارين ڪلوميٽر موٽرويز، 10 هزار ميگاواٽ بجلي جي پيداوار، اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جا منصوبا مسلم ليگ (ن) جي موجوده دور ۾ مڪمل ٿيا يا جاري آهن جڏهن ته انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، ان سان نوجوانن کي مستقبل جي رهنمائي ملندي. هن چيو ته هي اهي ادارا آهن جيڪي ٻين ادارن ۽ مقامي ۽ صوبائي حڪومتن کي آءِ ٽي جي انقلاب ۾ ڪردار ادا ڪرڻ بابت رهنمائي فراهم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته مستقبل ۾ ڪو ادارو سرڪاري نوڪرين جو بار برداشت نه ٿو ڪري سگهي، اهو ڪم نجي شعبي جو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن اسان فاٽا جي علائقن کي براڊ بينڊ جي سروس جي فراهمي جي يونيورسل سروس فنڊ جي منصوبي جو افتتاح ڪيو. اهي براڊ بينڊ رابطا پوري پاڪستان ۾ ٿيڻ گهرجن ۽ اها سروس فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي ته جيئن هر پاڪستاني کي اها سهولت ملي سگهي. انهي طريقي سان نوڪرين ۽ ڪاروبار جا موقعا ملي سگهن ٿا، انهي طرح نوجوانن کان ڪلاشنڪوف واپس وٺي سگهجي ٿي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته اهو ڪو ووٽ حاصل ڪرڻ يا سياست ڪرڻ جو طريقو نه آهي پر اها مستقبل جي ضرورت آهي. ان سان دنيا سڪڙجي اسان جي گهرن تائين اچي وڃي ٿي، جيڪو علم لنڊن ۾ ويٺل نوجوان کي ميسر آهي اهو ئي هن ٽيڪنالاجي سان فاٽا ۾ ويٺل نوجوان کي ميسر هوندو. وزيراعظم چيو ته انقلاب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر عمل سان ايندو آهي، بدقسمتي سان اسان ڪم روڪڻ ۽ ان ۾ رڪاوٽون وجهڻ ڄاڻون ٿا، ڪم ڪرڻ نه. هن اهو سينٽر قائم ڪرڻ تي وفاقي وزير انوشه رحمان ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان ڪنهن سفارش سان هتي ڪا مقرري ناهي ڪئي. ڪم ڪرڻ وڏو مشڪل هوندو آهي، ان ۾ رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون پر هن حڪومت عوام کي ڪم ڪري ڏيکاريو، ڪجهه مهينن کانپوءِ عوام کي ٻيهر فيصلو ڪرڻو آهي، اها جيڪو فيصلو ڪندي اسان جي اکين تي هوندو. وزيراعظم چيو ته انڪيوبيشن مرڪز قائم ڪرڻ جو مقصد نوجوانن کي رهنمائي فراهم ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري طرف راغب ڪرڻ آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ذريعي ڪنهن تصور کي حقيقت ۾ بدلائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته هن خيبرپختونخواهه ۾ 7 سال تعليم حاصل ڪئي هتان جا ماڻهو واپار ۽ پيشيواراڻي لحاظ کان منفرد مقام رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته انهن آءِ ٽي مرڪزن جو دائرو وڌيڪ وڌائڻ وقت جي ضرورت آهي، هي پهرين حڪومت آهي جنهن ان طرف ڌيان ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي پٺتي رهڻ جو سبب ڪرپشن هئي، جنهن 6 سالن تائين ٿري جي ۽ فور جي ٽيڪنالاجي جا لائيسنس جاري ڪرڻ نه ڏنا جڏهن ته اسان اقتدار ۾ اچي هڪ سال ۾ ان جي نيلامي ڪئي. وزيراعظم چيو ته مستقبل اي ڪامرس جو آهي. اسان کي پنهنجي نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي. دنيا بدلجي چڪي آهي اسان کي پنهنجي نوجوانن کي ڪاروبار ۾ شرڪت جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻا آهن، جيڪڏهن اهي انٽرنيٽ ذريعي پاڻ ڪمائي سگهن ٿا ته انهن کي ڪنهن جي مدد جي ضرورت نه آهي. وزيراعظم چيو ته ايندڙ انڪيوبيشن مرڪز ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ قائم ڪيا ويندا. هي شروعات آهي ته جيئن پاڪستان جا نوجوان ان مان فائدو کڻي سگهن. وزيراعظم چيو ته ماضي جون حڪومتون رڳو اعلانن ۽ سنگ بنياد تي ڌيان ڏينديون هيون جڏهن ته هي پهرين حڪومت آهي جنهن جيڪو منصوبو شروع ڪيو ان جو افتتاح به ڪيو. ان موقعي تي وزير جي موجودگي ۾ مختلف ڪمپنين جي وچ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ٿيون. هن ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير انوشه رحمان ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جي افتتاحي تقريب اسلاميه ڪاليج پشاور ۾ ان لاءِ منعقد ڪئي وئي ته جيئن عوام کي ٽريفڪ جام ۽ رستن جي بندش جي اذيت کان بچائي سگهجي. هن اسلاميه ڪاليج پشاور جي لاءِ 5 ڪروڙ رپين جو پڻ اعلان ڪيو.