تحريڪ انصاف جيڪا روايت قائم ڪئي آهي اها شرمناڪ آهي: وفاقي وزير خواجه محمد آصف

تحريڪ انصاف جيڪا روايت قائم ڪئي آهي اها شرمناڪ آهي: وفاقي وزير خواجه محمد آصف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جيڪا روايت قائم ڪئي آهي اها شرمناڪ آهي، اسپيڪر استعيفيٰ ڏيڻ تي کين تحفظ ڏيڻ جي جيڪا روايت قائم ڪئي هئي، تحريڪ انصاف اها به ڳالهه ڪري، اسان ڪڏهن به هن ايوان جي روايت کي پائمال ناهي ڪيو، تحريڪ انصاف جو گذريل ٽن سالن جو رويو سڀني جي سامهون آهي. قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبر شفقت محمود طرفان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي خواجه آصف چيو ته جيڪي ماڻهو برابري جي ڳالهه ڪن ٿا انهن جا پنهنجا هٿ به صاف هجڻ گهرجن، هن چيو ته جيڪا روايت پي ٽي آءِ هن پارليامينٽ جي ٻاهران ٺاهي آهي، اها سڀني جي سامهون آهي، هو استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ ڪيئن واپس اچي ويا، هنن پارليامينٽ تي حملو ڪيو جنهن سان پوري پارليامينٽ جو تقدس مجروح ٿيو، پي ٽي آءِ جي چيئرمين اسيمبلي کي ڌانڌلي جي اسيمبلي قرار ڏنو ۽ اڄ ان ئي اسيمبلي ۾ ويٺو آهي ۽ پگهار کڻي رهيو آهي ۽ سائي رنگ جي نمبر پليٽ واري گاڏي تي به گهمي رهيو آهي.هن چيو ته هن اسيمبلي ۾ جهيڙا ۽ بائيڪاٽ به ٿيندا رهيا آهن پر استعيفيٰ ڏئي وري گوڏن ڀر ڪو به واپس ناهي آيو. هن چيو ته جيڪڏهن روايت جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اسپيڪر اها به روايت قائم ڪئي آهي جو پي ٽي آءِ کي استعيفائن جي معاملي تي تحفظ ڏنو آهي، جيتوڻيڪ اسپيڪر کي انهن کان پڇڻ گهرجي ها ته هنن استعيفائون ڏنيون آهن يا نه. هن چيو ته شوڪت خانم جا 750 ملين ڊالر فرانس ڪيئن ويا، 5 سالن ۾ هنن ڪو به جواب ناهي ڏنو، هنن مون تي هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي آهي ۽ جيڪا هنن روايت قائم ڪئي آهي ا ها شرمناڪ آهي. هن چيو ته اسان جيئن به آهيون پر هن ايوان جي روايت کي ڪڏهن به پائمال ناهي ڪيو، پي ٽي آءِ جو گذريل ٽن سالن ۾ ڪهڙو رويو رهيو آهي ۽ اڳتي ڇا ٿيندو، عوام سڀ ڏسي رهي آهي، سياست ۽ جمهوريت جي اها ئي خوبصورتي آهي جو عوام اسان جو احتساب ڪري ٿي، ڪنٽينر تي ويهي اسيمبلي ۽ ان ۾ ويٺل ماڻهن کي گاريون ڏينداسين ته پوءِ کين اسيمبلي کان به روايت ۽ قدرن جو مطالبو نه ڪرڻ گهرجي.