قومي اسيمبلي پاران فصلن جي پرورش بابت بريڊر بل 2016ع منظور

قومي اسيمبلي پاران فصلن جي پرورش بابت بريڊر بل 2016ع منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي ۾ فصلن جي پرورش بابت بريڊر بل 2016ع منظور ڪري ورتو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ رٿ پيش ڪئي ته فصلن جي پرورش جي حقن جي بريڊر بل 2016ع کي غور هيٺ آندو وڃي، قومي اسيمبلي مان رٿ جي منظوري کانپوءِ وفاقي وزير بل اسيمبلي ۾پيش ڪيو جنهن کي منظور ڪيو ويو.