مون پنهنجي عقل ۽ موجود ڪاغذن جي بنياد تي ٻه ريفرنس اليڪشن ڪميشن کي موڪليا آهن: سردار اياز صادق

مون پنهنجي عقل ۽ موجود ڪاغذن جي بنياد تي ٻه ريفرنس اليڪشن ڪميشن کي موڪليا آهن: سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صاق چيو آهي ته مون پنهنجي عقل ۽ موجود ڪاغذن جي بنياد تي ٻه ريفرنس اليڪشن ڪميشن کي موڪليا آهن، فيصلو ڪرڻ منهن جو نه پر اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن جو ڪم آهي، جنهن بنياد تي مون ريفرنس رد يا اڳتي موڪليا آهن انهن جي وضاحت ويب سائيٽ تي وجهي ڇڏيندس. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسپيڪر سردار اياز صاق چيو ته اسپيڪر جي آفيس نه ته ڪا عدالت آهي ۽ نه ئي وري ڪا جاچ ايجنسي آهي، اسپيڪر کي جيڪي ڪاغذ ڏنا ويا انهن جي حساب سان فيصلو ڪرڻو آهي، مون وٽ 8 ريفرنس آيا ۽ صرف انهن سان لڳل ڪاغذن کي ڏٺو، انهن ڪاغذن جي بنياد تي ٻن ريفرنسز تي لکيو ته انهن کي ڏٺو وڃي، تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ (ن) جون اليڪشن ڪميشن ۾ پٽيشنون به داخل آهن، انهن کي 90 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻو آهي، آئون ويب سائيٽ تي تفصيل رکندس ته ڪهڙي بنياد تي ريفرنس اڳتي موڪليا آهن ۽ ڪهڙي بنياد تي ريفرنس روڪيا اٿم.