آرمي پبلڪ اسڪول کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو واقعو آهي: سينيٽرز

آرمي پبلڪ اسڪول کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو واقعو آهي: سينيٽرز

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) سينيٽ ۾ مختلف پارٽين جي سينيٽرن ڪوئيٽا سانحي تي بحث ڪندي چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو واقعو آهي، حڪومت دهشتگردي، انتهاپسندي خلاف سنجيدگي سان قدم کڻي، ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث هجڻ جي معاملي کي اسان کي عالمي سطح تي اٿارڻ گهرجي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ق) جي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو واقعو آهي، رياست کي عوام کي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪرڻو آهي، دهشتگردي جي خاتمي جي حڪمت عملي اسان وٽ جهڙي طرح هجڻ گهرجي اها نه آهي، پاليسين تي عملدرآمد ناهي ٿيو، سيڪيورٽي ليپس ڪٿي ٿيا ان جي انڪوائري ٿيڻ گهرجي. پيپلزپارٽي جي سينيٽر سحر ڪامران چيو آهي ته مودي جي اشتعال انگيز تقرير ان ڳالهه کي سگهه ڏني آهي ته ڀارت بلوچستان جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ ملوث آهي، حڪومت دهشتگردي، انتهاپسندي جي خلاف سنجيدگي سان قدم کڻي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ناهي ٿيو ان لاءِ ڪوئيٽا جو سانحو ٿيو آهي، هاڻي هڪ ٽاسڪ فورس ٺهي آهي، مقصد رڳو دهشتگردن کي ختم ڪرڻ نه دهشتگردي کي ختم ڪرڻ هجڻ گهرجي. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سينيٽر طلحيٰ محمود چيو آهي ته دشمنن جي آسان هدفن تي نظر آهي، ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث هجڻ واري معاملي کي اسان کي عالمي سطح تي اٿارڻو پوندو. سينيٽر طلحيٰ محمود چيو ته ڪوئيٽا ۾ سينيئر وڪيلن کي شهيد ڪيو ويو، حڪومت وٽ اهڙي قسم جي واقعن جي اطلاع هئي پر ڪهڙا قدم کنيا ويا، سي پيڪ جي سيڪيورٽي تمام اهم معاملو آهي، دشمن جو آسان هدفن تي ڌيان آهي، صورتحال خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، ڀارتي ڳجهي ايجنسي ان ۾ ملوث آهي، اسان کي عالمي سطح تي ان حوالي سان مهم هلائڻ گهرجي.