برداشت ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جو پيغام ڏيڻ جي لاءِ عطين جي رقم انسانيت سان لڳاءُ رکڻ ۽ شاگردن جي تعليم تي خرچ ڪئي وڃي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

برداشت ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جو پيغام ڏيڻ جي لاءِ عطين جي رقم انسانيت سان لڳاءُ رکڻ ۽ شاگردن جي تعليم تي خرچ ڪئي وڃي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته برداشت ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جو پيغام ڏيڻ جي لاءِ عطين جي رقم انسانيت سان لڳاءُ رکڻ ۽ شاگردن جي تعليم تي خرچ ڪئي وڃي جنهن سان نه رڳو پاڪستان پر سڄو خطو پرامن بڻجي ويندو، اهڙن عنصرن کي عطيو نه ڏنو وڃي، جيڪي معاشري ۾ منافقت، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي هٿي وٺرائين. ڪالهه سومر ڏينهن عالمي عطين جي ڏهاڙي جي موقعي تي الشفا آئي ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير سرندي وارن ۽ ڊونرز کي چيو ته اهڙين تنظيمن جي مدد نه ڪئي وڃي جيڪي ماڻهو خاص طور تي نوجوانن کي نفرتن جي نظرين سان گڏ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي طرف راغب ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اکين جي علاج جي لاءِ الشفا آئي ٽرسٽ اسپتال جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن جتي غريبن کي مفت علاج فراهم ڪيو وڃي ٿو. هن سرندي وارن ماڻهن کي چيو ته هو انهن ادارن جي مدد ڪن جيڪي انسانيت جي خدمت ڪري رهيا آهن ۽ سماجي براين خلاف وڙهي رهيا آهن. هن چيو ته عطيو ڏيڻ وقت ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غريب ۽ مستحق ماڻهن جي ڀلائي ٿئي ۽ انتهاپسند عنصر ان قوم کي فرقيواريت، نسل يا زبان جي بنياد تي ورهائڻ جي لاءِ استعمال نه ڪري سگهن. هن چيو ته فوت ٿيڻ کانپوءِ اکين جهڙي عضوي جو عطيو ڏيڻ گهرجي ته جيئن ڏکويل ماڻهن جو فائدو ٿئي. وفاقي وزير چيو ته عطيو ڏيندڙ ڊونرز ۽ تنظيمن جي وچ ۾ وڌيڪ رابطن جي ضرورت آهي ۽ عطين جي رقم انسانيت سان لڳاءُ، برداشت ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جو پيغام ڏيڻ جي لاءِ شاگردن جي تعليم تي خرچ ڪئي وڃي جنهن سان نه رڳو پاڪستان پر سڄو خطو پرامن بڻجي ويندو. بعد ۾ وفاقي وزير اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت جي نگراني هيٺ جاري پراجيڪٽ پاڪستان پيس ڪليڪٽو پاران الشفا آئي ٽرسٽ کي مالي امداد جو چيڪ ڏنو. سيمينار کي الشفا آئي ٽرسٽ جي صدر ليفٽيننٽ جنرل (ر) حامد جاويد، چيف آف ميڊيڪل سروسز واجد علي ۽ پاڪستان پيس ڪليڪٽو جي اي جي سي اي او بشريٰ تسڪين پڻ خطاب ڪيو.