اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) جهاز راني ۽ بندرگاهن واري وفاقي وزير سينيٽر حاصل بزنجو چيو آهي ته ڪوئيٽا سانحي معاشري جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، اسان کي دهشتگردي جي ان سوچ سان وڙهڻو پوندو، مڃون ٿا ته ان جي پويان ڀارت هوندو پر اهڙي سوچ رکندڙ اسان جا ئي ماڻهو آهن، اسان کي ڏسڻو پوندو ته اسان جي ٻارن کي ڇا پڙهايو پيو وڃي، مدرسا ڪهڙي تعليم ڏئي رهيا آهن، ميڊيا، حڪومت ممبر ۽ مسجد جي سطح تي ان سوچ خلاف وڙهڻو پوندو نه ته ان عذاب کان نه ٿا بچي سگهون. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران پورٽس اينڊ شپنگ واري وفاقي وزير سينيٽر حاصل بزنجو ڪوئيٽا سانحي تي بحث شروع ڪندي چيو ته سينيٽر جهانزيب جمالديني کي ان سانحي تي بحث شروع ڪرڻو هو پر هو ڏکويل آهي ان لاءِ مون کي نامزد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وڪيلن سميت وڏي انگ ۾ ان سانحي ۾ ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن، اهي سڀ پڙهيل لکيل ماڻهو هئا، ان واقعي معاشري جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، اهو دهشتگردي جو سڀ کان وڏو واقعو آهي، بدقسمتي سان ان کي ايترو ڌيان نه مليو جيترو ملڻ گهرجي ها، جيڪڏهن اهو واقعو 15 منٽن کانپوءِ ٿئي ها ته جج ۽ وڌيڪ وڪيل به نشانو بڻجي سگهيا پئي، اسان کي ان سوچ سان وڙهڻو پوندو، دهشتگردي کي بندوق سان ختم ڪري سگهون ٿا پر ان سوچ کي ختم نه ٿا ڪري سگهون.
ڪوئيٽا سانحي معاشري جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي: وفاقي وزير سينيٽر حاصل بزنجو
9 سال پھريان
