وزيراعظم جو شڪايت سيل عام ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ هيلپ لائين، آن لائين ويب پورٽل ۽ ايس ايم ايس سسٽم قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو

وزيراعظم جو شڪايت سيل عام ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ هيلپ لائين، آن لائين ويب پورٽل ۽ ايس ايم ايس سسٽم قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) وزيراعظم جو شڪايت سيل عام ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ هيلپ لائين، آن لائين ويب پورٽل ۽ ايس ايم ايس سسٽم قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب سومر ڏينهن اي پي پي کي ٻڌايو ويو ته جلد ئي هڪ ٽال فري هيلپ لائين جي پڻ شروعات ڪئي ويندي، جڏهن ته وفاقي حڪومت معزور ماڻهن جي انگن اکرن بابت هڪ جدا ايمپلائمينٽ ايڪسچينج قائم ڪندي ۽ اهڙن بيروزگار ماڻهن کي خصوصي معذوري الائونس پڻ ڏنو ويندو. وزيراعظم جو شڪايت سيل 2013ع کان ڪم ڪري رهيو آهي جنهن هيستائين 246835 شڪايتون اڪلايون آهن، بيت المال علاج جي لاءِ 6 لک رپين تائين منظوري ڏئي سگهي ٿو، تنهن هوندي به جگر، گڙدن ۽ بون ميرو جهڙن مريضن جي مهانگي علاج جي ڏس ۾ هڪ خصوصي فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.