حڪومت عام ماڻهن جا مسئلا گهٽ ڪرڻ جي لاءِ توانائي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ سماجي ڀلائي جي منصوبن سميت سمورن اهم شعبن ۾ تيز اڳڀرائي ڪري رهي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

حڪومت عام ماڻهن جا مسئلا گهٽ ڪرڻ جي لاءِ توانائي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ سماجي ڀلائي جي منصوبن سميت سمورن اهم شعبن ۾ تيز اڳڀرائي ڪري رهي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهن جا مسئلا گهٽ ڪرڻ جي لاءِ توانائي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ سماجي ڀلائي جي منصوبن سميت سمورن اهم شعبن ۾ تيز اڳڀرائي ڪري رهي آهي، اسان عملي قدمن تي يقين رکون ٿا ۽ مختلف شعبن ۾ وڏا وڏا منصوبا اسان جي ڪارڪردگي جو واضح ثبوت آهي. هن اها ڳالهه پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي سان ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته ماڻهن کي چڱي ريت خبر آهي ته اسان جي پاليسين جو مقصد عوام کي درپيش اهم مسئلا حل ڪرڻ آهي ان طرف ڌيان ڇڪرائيندي ملڪ جي خدمت ڪريون ٿا. هن سڀني منصوبن تي عملدرآمد ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل قانونن جي سختي سان پيروي تي زور ڏيندي چيو ته ايل اين جي پاور پراجيڪٽ تيزي سان مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن سستي بجلي جي پيداوار ممڪن ٿئي. هن چيو ته پاڪستان وٽ 2018ع تائين پنهنجي گهريلو ۽ صنعتي ضرورتن جي پورائي لاءِ تمام گهڻي بجلي دستياب هوندي، انهن منصوبن جي پڄاڻي سان صارفين کي سستي بجلي فراهم ٿيندي. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان گذريل حڪومتن توانائي سميت معيشت جي اهم شعبن کي نظرانداز ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي بهتر صورتحال کان مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي قومي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿي آهي، اسان اقتصادي بحالي ۽ ترقي جي انقلابي ايجنڊا جي پيروي لاءِ پرعزم آهيون، ان موقعي تي پيٽروليم واري وزير شاهد خاقان عباسي وزيراعظم کي ٻڌايو ته گڊو ۽ نندي پور پاور پراجيڪٽ جي لاءِ ايندڙ سال گئس جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا انتظام موجود آهن. هن چيو ته سوئي نادرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ ۽ سوئي سدرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ سڄي ملڪ ۾ پهچ ۽ ورڇ جي نيٽ ورڪ کي بهتر بڻائڻ ۾ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي پاليسين جي ڪري تيل ۽ گئس جي ڳولا جون ڪمپنيون ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. هن نمايان کوجنائون ڪيون آهن. هن چيو ته ملڪ جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ايل اين جي ٽرمينلز ۽ گئس پائيپ لائينن جي تعمير سميت گئس سان لاڳاپيل منصوبن تي ڪم جاري آهي.