پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي: صدر ممنون حسين

پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) صدر ممنون حسين قوم کي خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، اسان جي هٿياربند زميني، سامونڊي ۽ فضائي فوج پيشيواراڻي صلاحيتن سان ليس ۽ مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ آهي، پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻن ۽ پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، تنهن هوندي به امن جي ان خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا. هن اها ڳالهه پاڪستان جي دفاع واري ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ اڱاري ڏينهن 6 سيپٽمبر تي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. صدر چيو ته هي ڏينهن اسان جي قومي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. 51 سال اڳ اسان جي جوانن ۽ آفيسرن، سيلرز ۽ هوابازن جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي قوم سان گڏجي دشمن جي جارحيت کي ناڪام بڻائي ملڪ جي مقدس سرحدن جو دفاع ڪيو. صدر چيو ته هي ڏينهن اسان جي هٿياربند ۽ قوم جي ان عزم کي اجاگر ڪري ٿو جنهن کي اسان جي سالميت، بقاءَ ۽ دفاع سان گڏوگڏ پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ پڻ اهم جز جي حيثيت حاصل آهي. اڄ جڏهن اسان ان يادگار موقعي تي پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهيون، هي لمحا اسان سان ملي يڪجهتي جي فروغ ۽ قومي سوچ اختيار ڪرڻ جي گهرج ڪن ٿا، جيڪو پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لازمي آهي. صدر چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهي قومي جذبي ۽ اتحاد جي ڪري اسان عددي لحاظ کان وڏي دشمن جي غرور کي خاڪ ۾ ملايو. صدر چيو ته آئون ملڪ جي سربراهه جي حيثيت سان قوم کي خاطري ڪرايان ٿو ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، اسان جي زميني، سامونڊي ۽ فضائي فوج پيشيواراڻي صلاحيتن سان ليس ۽ مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ آهي. هن ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته اسان دفاعي جديد ٽيڪنالاجي پاڻڀرائپ واري منزل حاصل ڪري چڪا آهيون، اسان جي ائٽمي صلاحيت ۽ جديد هٿيار ان ڳالهه جي علامت آهن ته اسان دفاع جي ميدان ۾ ڪو ٺاهه ناهي ڪيو. هن چيو ته مون کي پنهنجي فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ جرئت ۽ حب الوطني تي فخر آهي. هن ٻاهرئين سرحدن جي حفاظت سان گڏوگڏ امن امان کي برقرار رکڻ ۾ نه وسارڻ جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. آپريشن ضرب عضب ۾ هنن جن عزم جو مظاهرو ڪيو ان جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي جنهن تي سڄي قوم ان کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته اڄ جي ڏينهن آئون اهو به واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻن ۽ پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، اسان سدائين تعاون جي پاليسي کي نظر ۾ رکيو آهي، تنهن هوندي به امن جي ان خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان پنهنجي دفاع کان هرگز غافل نه آهيون ۽ ڪنهن به جارحيت جو پوري قوت سان جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا. صدر ممنون حسين چيو ته ڪشمير تي به اسان جو موقف واضح آهي، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي نامڪمل ايجنڊا آهي، اسان ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري جي حق جي تائيد ۽ حمايت ۾ ان سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته گڏيل قومون ۽ ٻيا ملڪ ان مسئلي جي فوري حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن نه ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي خواب جي تعبير نامڪمل آهي. صدر ملڪ جي عزت ۽ آبرو جي خاطر پنهنجي جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن جون قربانيون اسان جي حب الوطني جي جذبي کي وڌائين ٿيون. الله تعاليٰ اسان کي به انهن جي نقش قدم تي هلائي ته جيئن اسان به وقت اچڻ تي ملڪ جي بقاءَ ۽ آبرو خاطر ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻايون.