گذريل 30، 35 سالن ۾ دهشتگردي جي موذي مرض اڏوهي وانگر پاڪستان جي ثقافت، قومي ورثي ۽ فلمي صنعت کي نقصان پهچايو: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

گذريل 30، 35 سالن ۾ دهشتگردي جي موذي مرض اڏوهي وانگر پاڪستان جي ثقافت، قومي ورثي ۽ فلمي صنعت کي نقصان پهچايو: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 11دسمبر2017ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل 30، 35 سالن ۾ دهشتگردي جي موذي مرض اڏوهي وانگر پاڪستان جي ثقافت، قومي ورثي ۽ فلمي صنعت کي نقصان پهچايو، موجوده حڪومت ساڍن چئن سالن دوران اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي ويزن تحت ڪامياب ۽ موثر حڪمت عملي ذريعي دهشتگردي جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، هٿياربند فوج ۽ عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون، اڃا سفر جاري آهي، پاڪستاني عوام کي تاثر جي جنگ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي، امن امان جي بهتر صورتحال تي پاڪستان ۾ عالمي مئچز ۽ عالمي فيسٽيول سميت ٻيون عالمي سطح جون سرگرميون به بحال ٿي چڪيون آهن، اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف فلمي صنعت جي بحالي جي لاءِ مراعاتي پئڪيج جو اعلان ڪيو هو جنهن جو مقصد ملڪ ۾ فلمي صنعت جي بحالي آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص جي فروغ لاءِ فلم بهترين ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پاڪستان ۾ فلم ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪرڻ تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. هو ڪالهه سومر ڏينهن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۽ ايراني سفارتخاني جي ڪلچرل ونگ جي حصيداري سان 7 ڏينهن واري ايراني فلم فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ايران جي سفير مهدي هنردوست سان گڏ ڏيئا ٻاري ۽ ڪيڪ ڪاٽي فلم فيسٽيول جو باقاعده افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته فيسٽيول منعقد ڪرڻ تي ايراني سفارتخاني جا ٿورائتا آهيون، ايراني فلم فيسٽيول پي اي سي اي ۽ لوڪ ورثي ۾ ٿيندو. هن ڊي جي پي اين سي اي کي هدايت ڪئي ته اهڙي طرح جي دوست ملڪن جي ثقافتي سرگرمين ۽ فلم فيسٽيول جهڙين تقريبن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ڏينهن جاڙن شهرن جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ رکيا وڃن ته جيئن اسان جي 65 سيڪڙو يوٿ به دوست ملڪن جي ثقافت کان روشناس ٿي سگهي. هن چيو ته تمام گهت وقت ۾ ايراني سئنيما مقبوليت حاصل ڪندي آسڪر وننگ سئنيما بڻجي چڪي آهي، اصل ۾ ايراني سئنيما ۾ ثقافتي عڪس ۽ خانداني قدرن کي نمايان طور تي ڏيکاريو پيو وڃي. هن چيو ته 60ع ۽ 70ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي فلمي صنعت دنيا جي وڏين فلمي صنعتن ۾ شمار ٿيندي هئي پر گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران ٿيندڙ دهشتگردي ثقافت، فلم ۽ قومي ورثي کي تباهه ڪري ڇڏيو. هن چيو ته گذريل ساڍن چئن سالن دوران اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي ويزن تحت حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ کي موثر بڻائيندي دهشتگردي جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، هاڻي ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا ڪافي حد تائين گهٽ ٿي ويا آهن ۽ عالمي سرگرميون پڻ مرحليوار بحال ٿي رهيون آهن، پاڪستان جي اندر عالمي ڪرڪيٽ ٽيمن ۽ فٽ بال رانديگرن جي اچڻ سان گڏوگڏ عالمي فيسٽيول منعقد ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان فلم انڊسٽري جي بحالي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف فلمي صنعت جي لاءِ جنهن پئڪيج جو اعلان ڪيو هو ان ۾ فلم ٺاهڻ جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ سميت ٻيون مراعتون شامل آهن. هن چيو ته فلمي صنعت جي بحالي لاءِ اطلاعات واري وزارت ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته جهڙي طرح ايران جو فلم فيسٽيول پاڪستان ۾ منعقد ٿي رهيو آهي اهڙي طرح ايران ۾ به پاڪستاني فلمن جو فيسٽيول ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي ايران جي سفير مهدي هنردوست چيو ته ايراني فلم فيسٽيول جي پاڪستان ۾ شروعات اعزاز جوڳي آهي. هن چيو ته ايراني فلمن جي ترويج اصل ۾ اسان جي قدرن جو تحفظ آهي. هن چيو ته ايران پاڪستان سان ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو، فلم فيسٽيول سان ايران جي ثقافت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. پي اين سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل جمال شاهه چيو ته ايران فلم فيسٽيول 7 ڏينهن جاري رهندو، پهريان ٻه ڏينهن پي اين سي اي ۾ ايران جون فلمون ڏيکاريون وينديون. هن چيو ته ايران دنيا ۾ فلم ٺاهيندڙ اهم ملڪن مان هڪ ملڪ بڻجي چڪو آهي، ايراني فلمن جو مرڪزي خيال معاشري کي منشيات، بدعنواني ۽ سماجي براين کان بچائڻ آهي، انهن فلمن جو ايراني معاشري تي مثبت اثر پئجي رهيو آهي. پاڪستاني فلمي صنعت ۾ ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر اعجاز گل چيو ته ايران پاران پاڪستان ۾ پنهنجي فلمن کي آڻڻ هڪ سٺو موقعو آهي، ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا وڌيڪ موثر ۽ بامعنيٰ ٿيندي۔