وزيراعظم پاران پاڪ فوج جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت

وزيراعظم پاران پاڪ فوج جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 12دسمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ عبدالمعيد ۽ سپاهي بشارت شهيد ٿي ويا. وزيراعظم سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قيمتي انساني زندگين جون لازوال قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون جيڪي اسان جي قومي تاريخ جي اهم ترين جز جي حيثيت رکن ٿيون. هن ملڪ خاطر پنهنجي نهايت شاندار اثاثن کي قربان ڪيو آهي. هن چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان پنهنجي ملڪ جي دشمنن جي خلاف جنگ ۾ بهادر هٿياربند فوج جي عظيم ترين خدمتن کي ڪڏهن فراموش نه ڪنداسين. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان سڄي ملڪ مان دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جي چيلهه چٻي ڪري پاڪستان دهشتگردي جي لعنت کي شڪست ڏني آهي، اسان هي جنگ کٽي آهي ۽ انشاءُ الله تمام جلد ان جي باقيات کي سدائين جي لاءِ ختم ڪري ڇڏينداسين۔