عمران خان کي پارليامينٽ تي حملو ڪري پوليس وارن جا مٿا ڦاڙڻ تي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ٿيندي شرم ته آيو هوندو: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

عمران خان کي پارليامينٽ تي حملو ڪري پوليس وارن جا مٿا ڦاڙڻ تي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ٿيندي شرم ته آيو هوندو: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 11دسمبر2017ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي پارليامينٽ تي حملو ڪري پوليس وارن جا مٿا ڦاڙڻ تي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ٿيندي شرم ته آيو هوندو، عمران خان ماڊل ٽائون سانحي جو ٺيڪيدار نه بڻجي، هو جواب ڏي ته پارليامينٽ تي حملو ڇو ڪيو ۽ پوليس کي ڇو ماريو. هن چيو ته پوري قوم پارليامينٽ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملو ڪندڙن کي سزا ملڻ جي انتظار ۾ آهي، عمران خان اڄ به ڪنٽينر تي بيٺل آهي، هو اهو ٻڌائي ته خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار اسڪول ڇو بند آهن، ڪي پي ڪي ۾ بجلي پيدا ڪري پوري ملڪ ۾ فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪيڏانهن وئي، عمران خان گذريل چئن سالن ۾ ايترا ڪوڙ ڳالهايا آهن جو کيس هاڻي شرم به نه ٿو اچي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ڪالهه سومر ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته عمران خان کي پارليامينٽ تي حملو ڪري پوليس وارن جا مٿا ڦاڙڻ تي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ٿيندي شرم ته آيو هوندو. عمران خان ماڊل ٽائون سانحي جو ٺيڪيدار نه بڻجي پر جواب ڏيو ته پارليامينٽ تي حملو ڇو ڪيو ۽ پوليس وارن کي ڇو ماريو. هن چيو ته عمران اڄ به ڪنٽينر تي بيٺل آهي ۽ خيبرپختونخواهه جي اسڪولن ۾ گهٽ داخلا جي ڪري هڪ هزار اسڪول بند ٿي ويا آهن. مريم اورنگزيب چيو ته پوري قوم پارليامينٽ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملو ڪندڙ عمران خان جي سزا جي انتظار ۾ آهي. مريم اورنگزيب عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جي جنگ جيڪڏهن ڪرپشن جو خاتمو هجي ها ته توهان خيبرپختونخواهه ۾ احتساب ڪميشن کي بند نه ڪريو ها جيڪا اڄ تائين بند آهي، توهان پنهنجي، پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجي وزيرن جي ڪرپشن کي لڪائڻ جي لاءِ گوڙ ڪري رهيا آهيو. اطلاعات واري وزير چيو ته عمران خان ته پاڻ پنهنجي پارٽي جي فنڊنگ جي لاءِ جوا کيڏڻ جو اعتراف ڪري چڪو آهي. هن جو چوڻ هو ته عمران خان عدالتن کي ڪهڙو جواب ڏيندو، هو ته عائشه گلالئي جو جواب نه ڏئي سگهيو. اطلاعات واري وزير چيو ته جيڪو به توهان کان توهان جي اعمالن جو جواب گهري ٿو ان کي توهان يا ته بند ڪري ڇڏيو ٿا يا گاريون ڏيو ٿا. هن چيو ته عمران خان کي ته ايتري بجلي ٺاهڻي هئي جيڪا پوري ملڪ کي استعمال ڪرڻي هئي، ان جو ڇا ٿيو، عمران گذريل چئن سالن ۾ ايترا ڪوڙ ڳالهايا آهن جو هاڻي کيس شرم به نه ٿو اچي.