وزيراعظم پاران صحافي زاهد ملڪ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

وزيراعظم پاران صحافي زاهد ملڪ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ یکم ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ناليواري صحافي زاهد ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن تعزيتي پيغام ۾ هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته زاهد ملڪ سدائين صحافت جي آزادي جو حامي رهيو، هن چيو ته زاهد ملڪ پنهنجي سموري صحافتي ڪيريئر دوران اسان کي قابل قدر خيالن ۽ تجربن مان فائدو ڏنو، وزيراعظم چيو ته زاهد ملڪ جو لاڏاڻو ملڪ ۽ صحافت جي شعبي جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. پاڪستان ۾ صحافت جي ترقي جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.