پرويز رشيد پاران صحافي زاهد ملڪ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

پرويز رشيد پاران صحافي زاهد ملڪ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ یکم ستمبر 2016ء) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد سينيئر صحافي ۽ روزاني پاڪستان آبزرور جي چيف ايڊيٽر زاهد ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته صحافت جي ميدان ۾ سندس خدمتن ۽ ڪردار کي سدائين ياد رکيو ويندو. سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال مشڪل سان ڀرجندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.