صدر پاران صحافي زاهد ملڪ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

صدر پاران صحافي زاهد ملڪ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ یکم ستمبر 2016ء) صدر ممنون حسين بزرگ صحافي ۽ روزاني پاڪستان آبزرور جي ايڊيٽر انچيف زاهد ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته زاهد ملڪ جون صحافتي خدمتون وڏي عرصي تائين ياد رکيون وينديون. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن زاهد ملڪ کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندس صحافتي شعبي ۾ خدمتن سان گڏوگڏ ديني خدمتون پڻ آهن جنهن ۾ قرآن پاڪ جي مضمونن جو انڊيڪس ۽ ان جو مختلف زبانن ۾ ترجمو خاص طور تي ذڪر جوڳو آهي. صدر چيو ته زاهد ملڪ تمام گهڻين خوبين جو مالڪ هو ۽ سندس صحافت جي شعبي ۾ خدمتون وڏي عرصي تائين ياد رکيون وينديون. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندس مغفرت ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.