46 ارب ڊالر مان 18 ارب ڊالر جي منصوبن تي ڪم جاري آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

46 ارب ڊالر مان 18 ارب ڊالر جي منصوبن تي ڪم جاري آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29اگست 2016ء) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته 46 ارب ڊالر مان 18 ارب ڊالر جي منصوبن تي ڪم جاري آهي جڏهن ته 17 ارب ڊالر پائيپ لائين ۾ آهن، پاڪستان ۽ چين 2018ع ۾ گڏيل سيٽلائيٽ لانچ ڪندا، سي پيڪ منصوبو رڳو روڊ نيٽ ورڪ نه پر پورو فريم ورڪ آهي، منصوبو ٻنهي ملڪن جي ويزنز جو ميلاپ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن هتي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ڪانفرنس ۽ نمائش کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان چين اقتصادي لنگهه معاشي تعاون ۽ ڪاروباري رابطا قائم ڪرڻ جو منصوبو آهي، منصوبي تحت وڏي پئماني تي چيني سيڙپڪاري ايندي ۽ صنعتي زونز قائم ٿيندا. هن چيو ته وچ ايشيا ۽ پاڪستاني واپاري ادارن جي وچ ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، 2018ع تائين ملڪ ۾ 10 هزار 400 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار جا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا جن جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ توانائي جي بحران تي ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته اهي منصوبا سي پيڪ تحت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جي معاشي ۽ سماجي حالتن ۾ تيزي سان بهتري ايندي، چين جون ڪمپنيون 10 هزار ميگاواٽ بجلي جي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيون آهن، چين جون ڪمپنيون ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشنز لائين جي بهتري لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي في الحال وڌيڪ بار برداشت ڪرڻ جي قابل نه آهن. هن چيو ته سي پيڪ منصوبو هڪ سال جي اندر هڪ ڪاغذ جي ٽڪڙي مان 46 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ تبديل ٿيو، اولهندي روٽ تي ڪم جاري آهي، عالمي گوادر ايئرپورٽ ۽ ايڪسپريس وي تي چين پاران ڪم آخري مرحلن ۾ آهي، لنگهه منصوبو ٽي ارب ماڻهن جي قسمت کي بدلائڻ جو منصوبو آهي، ان منصوبي سان پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ سمٽ ۽ ايڪسپو سان ماڻهن ۾ اقتصادي لنگهه منصوبن بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي.