خطي جي ترقي چين جو پراڻو خواب آهي: چيني سفير سن وي ڊونگ

خطي جي ترقي چين جو پراڻو خواب آهي: چيني سفير سن وي ڊونگ

اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي سفير سن وي ڊونگ چيو آهي ته خطي جي ترقي چين جو پراڻو خواب آهي، چين پاڪستان کي پنهنجو آئرن فرينڊ سمجهي ٿو، پاڪ چين اقتصادي لنگهه رڳو چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي حڪمت عملي جو نالو نه آهي پر اهو هن پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهميت وارو منصوبو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ منصوبي جي سمٽ ۽ ايڪسپو جي افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. چيني سفير چيو ته اقتصادي لنگهه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهم شعبن ۾ تعاون تي ٻڌل قدمن ۽ منصوبن جو ٺوس پئڪيج آهي جنهن ۾ اطلاعات جو نيٽ ورڪ، بنيادي ڍانچو، توانائي، صنعتون، زراعت، سياحت ۽ ڪيترائي ٻيا شعبا شامل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ اهم موقعو سامهون آيو آهي ۽ اسان کي ان منصوبي کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. چيني سفير چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو چيني صدر جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو، هن سال پاڪستان ۽ چين سفارتي لاڳاپن جي 60 هين سالگرهه پڻ ملهائي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه رڳو چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جو نالو نه آهي پر هن پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.