پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان پوري خطي جي تقدير بدلجي ويندي: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان پوري خطي جي تقدير بدلجي ويندي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) علائقي ۾ معاشرتي محرومي کان ڇوٽڪارو ۽ امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات سان نه رڳو پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو پر ان سان پوري خطي جي تقدير بدلجي ويندي. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن هتي ٻن ڏينهن واري پاڪ چين اقتصادي لنگهه ڪانفرنس ۽ ايڪسپو جي افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندي چئي جنهن جو اهتمام منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وزارت سي پيڪ منصوبي بابت گڏيل رابطا ڪميٽي جي ٽئين سالگرهه جي حوالي سان پاڪ چين فرينڊشپ سينٽر ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم خطي ۽ پاڪستان جي لاءِ خوشحالي جي هڪ جهڙي منزل تي ٻڌل منصوبي کي سفارتڪاري ۾ هڪ نئون تصور قرار ڏيندي چيو ته ان ذريعي بيروزگاري، غربت ۽ جهالت جي خاتمي ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ رڳو هڪ اسٽريٽجڪ معاهدو نه پر پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڏهاڪا پراڻي دوستي جو اعليٰ ۽ تاريخي مثال به آهي. هن پاڪستاني ۽ چيني عوام تي زور ڀريو ته اها پنهنجي معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ دوست ۽ ڀائرن وانگر هڪ ٻئي سان رابطو قائم رکن، گڏجي ڪم ڪندي اقتصادي ترقي ذريعي خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن مشڪل ۾ سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، 2005ع ۾ زلزلي ۽ 2010ع ۾ ٻوڏ کانپوءِ چين پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي. وزيراعظم چيو ته چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي 2014ع جي دوري دوران پارليامينٽ کي ٻڌايو ته پاڪستان ان وقت چين سان گڏ بيٺل هو جڏهن هو اڪيلو هو ۽ هاڻي چين اقتصادي مشڪل ۾ پاڪستان کي اڪيلو نه ڇڏيندو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي خاص قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن عالمي فورمن تي سدائين هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي ۽ انهن جا لاڳاپا اعتماد ۽ خلوص تي ٻڌل آهن. وزيراعظم چيو خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا. وزيراعظم سي پيڪ کي 21 هين صدي جو اهم ترين قدم قرار ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان جي ويزن 2025ع سان ڀرپور هم آهنگ ۽ معاون آهي. هن چيو ته پاڪستان اڀرجندڙ معيشت آهي ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. وزيراعظم گذريل 8 سالن ۾ بلند ترين جي ڊي پي جو حوالو ڏيندي چيو ته ملڪ جي اسٽاڪ مارڪيٽ انتهائي فعال آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا ٻيڻا ٿي چڪا آهن، ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال نمايان طور تي بهتر ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته جيتوڻيڪ ان منصوبي جي لاڳت 46 ارب ڊالر آهي پر ان جا لاڀ ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهن ۽ اهي پائيدار هوندا. هن چيو ته اهو منصوبو نه رڳو پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي بهتري ۾ مددگار ٿيندو پر نئين ٽيڪنالاجي ۾ علم ۽ مهارت جي فراهمي ۾ پڻ مددگار ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زميني رابطا پڻ مضبوط ٿيندا ۽ ان سان پاڪستان جي مواصلاتي ڍانچي کي پڻ سگهه ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ريلويز ۽ بنيادي ڍانچي تي 10 ارب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿيندا. وزيراعظم چيو ته 35 ارب ڊالر رڳو توانائي جي شعبن جي لاءِ آهن جنهن سان 10400 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ ان سان پاڪستان جي معيشت کي سگهه ملندي، هن منصوبي سان پاڪستان جي سمورن علائقن کي فائدو ٿيندو ۽ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۽ گلگت بلتستان کي هڪ جهڙا فائدا ٿيندا. هن گوادر جي ترقي کي سي پيڪ منصوبي ۾ بنيادي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو ته اهو پنهنجي بجلي جي پيداوار، مواصلاتي رابطا رکندڙ هوندو ۽ هڪ ماڊل سمارٽ پورٽ سٽي ڳڻيو ويندو. هن چيو ته ترقي جو اسان ويزن خطي جي هم آهنگي جي لاءِ تمام گهڻي اپروچ رکندڙ آهي. هن ٻڌايو ته چين گوادر ايئرپورٽ سان ڳنڍجڻ جي لاءِ 162 ملين ڊالر جي لاڳت سان هڪ رستو پڻ تعمير ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ توانائي جا ڪيترائي منصوبا 2018ع تائين مڪمل ٿي ويندا جن سان ملڪ کي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ملي ويندو. تقريب ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز، وزيراعظم جي خصوصي معاون طارق فاطمي، بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري، گلگت بلتستان جي وڏي وزير حافظ حفيظ الله، پاڪستان ۾ چيني سفير سن وائي دونگ، چين ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خالد، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر راحيلا دراني، ايف پي سي سي آءِ جي صدر عبدالرئوف عالم سميت پارليامينٽ ميمبر ۽ ناليوارا صنعتڪار، سفير ۽ ڪاروباري شخصيتون موجود هيون. ان کان اڳ وزيراعظم سي پيڪ ايڪسپو جو افتتاح پڻ ڪيو.