اليڪشن ڪميشن چونڊ قانون 2017ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

اليڪشن ڪميشن چونڊ قانون 2017ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12اکتوبر2017ء) اليڪشن ڪميشن چونڊ قانون 2017ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه خميس ڏينهن چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار محمد رضا جي صدارت ۾ ڪميشن جو اهم اجلاس منقعد ٿيو، چونڊ رولز اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت جوڙيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن 200 اجلاسن ۾ چونڊ رولز کي حتمي شڪل ڏني، چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊ رولز 2017ع تي آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته سمورين ڌريون ان رولز کي ساراهينديون، هن رولز تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ان چونڊ رولز کي اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويندو، چونڊ رولز بابت تجويزن يا اعتراض 15 ڏينهن ۾ جمع ڪرائي سگهبا، اليڪشن ڪميشن انهن اعتراضن يا تجويزن کي ٻڌي فيصلو ڪندو، اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ 8 قانونن کي گڏ ڪيو ويو هو، اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 239 تحت اليڪشن ڪميشن کي رولز بنائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.