آئين تحت بالادستي پارليامينٽ جي آهي: سينيٽ چيئرمين

آئين تحت بالادستي پارليامينٽ جي آهي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12اکتوبر2017ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته آئين تحت بالادستي پارليامينٽ جي آهي ۽ هي وفاق جي شه رڳ آهي، نثار ناسڪ، جان ايليا، فيض ۽ حبيب جالب جهڙين شخصيتن کي فراموش ڪري اسان پنهنجي ثقافت، تاريخ ۽ تهذيب کان ڪٽجي وياسين، پارليامينٽ کي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن هتي نيشنل پريس ڪلب ۾ مشهور ترقي پسند شاعر، اديب، دانشور نثار ناسڪ کي سندس ادبي خدمتن ۾ ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ميان رضا رباني چيو ته اڄ جنهن مقام تي اسان جو معاشرو ۽ رياست بيٺل آهي ان جي سببن ۾ سڀ کان وڏو سبب پنهنجي تاريخ، جدوجهد ۽ پنهنجي انهن محسنن کان لاتعلقي آهي، جنهن سبب ملڪ بڻيو ۽ جمهوريت آئي، اسان حبيب جالب، نثار ناسڪ، جان ايليا ۽ فيض جهڙن ترقي پسند شاعرن کي وساريو ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ کان ڪٽجي وياسين ۽ ان ڪٽيل لغڙ جهڙا ٿي آهيون جيڪو اڄ به ڀٽڪي رهيو آهي، 70 سال گذرڻ ۽ مهرڳڙه جي سياسي تهذيب هجڻ جي باجود اسان ڀٽڪيل آهيون ۽ پنهنجي منزل جو تعين نه پيا ڪري سگهون، ايوب خان جي آمريت جي خلاف جدوجهد ڪندڙن سببن کي اشرافيه ختم ڪيو، شاگردن جي يونين سازي، ٽريڊ يونين تي پابنديون لڳايون ويون ته جئين ترقي پسند ۽ جمهوريت سوچ کي نوجوان نسل کان پري رکي سگهجي، هن چيو ته ترقي پسند سوچ تي ته پابندي لڳي وئي پر انتهاپسند سوچ جنم ورتو. هن چيو ته اڄ ڪائونٽرنيريٽيو جي کوٽ آهي ۽ هي ڪائونٽرنيريٽيو نثار ناسڪ جهڙا ماڻهو ٺاهيندا آهن، هن چيو ته آئين تحت مرڪزيت پارليامينٽ جي آهي جيڪو به فيصلو ٿيڻو آهي پارليامينٽ جي ذريعي ٿيڻو آهي، احتساب ٿيڻو آهي ته پارلياماني احتساب جي ذريعي ٿيڻو آهي، ججن جو تعداد مقرر ڪرڻو آهي ته پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي، آئين تحت وفاق پاڪستان جي شه رڳ پارليامينٽ آهي ۽ جيڪڏهن ان شه رڳ کي ڪٽينداسين ته جسم تڙپندو رهندو ۽ اسان چار ڀيرا ان شه رڳ کي ڪٽي چڪا آهيون، ان جي لاءِ وفاق تڙپي رهيو آهي، رضا رباني چيو ته چئلينجز کي عبور ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ کي پنهنجو تاريخي ڪردار شفافيت ۽ عوام کي ڊليورنس جي ذريعي ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ان طرح ادا ڪندي ته ڪوبه مسئلو نه ايندو، هن نثار ناسڪ جهڙي شخصيت جي لاءِ ايوارڊ ڏيڻ جي نيشنل پريس ڪلب جي قدمن کي خراج تحسين پيش ڪيو، تقريب کي مشهور سماجي شخصيت ڊاڪٽر جمال ناصر، پي ٽي وي جي اڳوڻي ايم ڊي وقار عظيم، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر محمد افضل بٽ، نيشنل پريس ڪلب جي صدر شڪيل انجم به خطاب ڪيو ۽ نثار ناسڪ جي ادبي خدمتن کي سلام پيش ڪيو، تقريب جي پڄاڻي تي نثار ناسڪ پنهنجا چونڊ شعر به ٻڌايا۔