پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12اکتوبر2017ء) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ٻهراڙي جي علائقن کي بجلي جي فراهمي جي منصوبن جا تفصيل ۽ نندي پوري پاور منصوبي جي لاڳت ۾ اضافي جي رپورت طلب ڪري ورتي جڏهن ته ليسڪو صارفين کان اووربلند جي شڪايت تي ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي آڊٽ اعتراض 16 -2015ع ۽ نيسپاڪ جي آڊٽ رپورٽ 17 -2016ع تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري بجلي چيو ته بجلي واري وزارت ۽ آبي وسيلن واري وزارت ڌار ٿيڻ جو عمل اڃان مڪمل ناهي ٿيو، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي جي دوران منصوبن لاءِ 17 ارب روپيا جاري ٿيڻا هئا، هن چيو ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي جون 3 هزار 8 سئو اسڪيمون هلي رهيو آهن، ڪميٽي چيئرمين سيد خورشيد شاهه چيو ته مالي نظم ۽ ضبط مان معلوم ٿئي ٿو ته ڊيمن جي تعمير ترجيح ناهي. پي اي سي بجلي جي فراهمي جي سمورن منصوبن جا تفيصل ۽ بجلي واري وزارت، منصوبابندي ۽ ڪابينا ڊويزن جي عملدارن کي به طلب ڪري ورتو، ڪميٽي نيسپاڪ جي آڊٽ رپورٽ 17 -2016ع جو به جائزو ورتو، آڊٽ عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته آر ايل اين جي ڪمبائينڊ سائيڪل پاور پلانٽ لاءِ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪرڻ جي ٽينڊر ۾ بي ضابطگيون ٿيون، هنگامي حالتن جو بهانو بڻائي 36 ڪروڙ 93 لک جو جيوٽيڪنيڪل انويسٽيگيشن جو ڪم بغير اشتهار مختلف ڪمپنين کي ڏنو ويو، هن جو چوڻ هو ته نيسپاڪ وٽ تمام گهڻو وقت هو، هنگامي حالتون نه هيون، پي اي سي پاور ڊويزن واري سيڪريٽري کي هڪ مهيني ۾ معاملي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته نيسپاڪ ۾ 16 سب انجنيئرز، ايسوسيئيٽ انجنيئرز، ٽيڪنيشنز جعلي ڊگري رکندڙ آهن، فيلڊ اسسٽنٽس ۽ ڪلارڪن جون ڊگريون به جعلي نڪتيون، آڊٽ عملدارن وڌيڪ چيو ته جعلي ڊگرين وارن جي پگهارن ۽ مراعتن جي مد ۾ 11 ڪروڙ روپيا ادا ڪيا ويا، آفيسرن کي ڊگرين جي تصديق کانسواءِ ڀرتي ڪيو ويو ۽ نيسپاڪ جعلي ڊگري وارن جي خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، جعلي ڊگري وارن ٻن آفيسرن منع نامو ورتو آهي، آڊٽ عملدارن جعلي ڊگري وارن جي خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي، سينيٽر اعظم سواتي چيو ته جيڪڏهن نيسپاڪ جي هي حالت آهي ته ٻين ادارن جي ڇا هوندي، روحيل اصغر چيو ته ان معاملي کي اشو نه بڻايو، پنهنجي ادارن کي پاڻ بدنام نه ڪريو، جيڪڏهن 5600 ملازمن مان 16 جو معاملو آهي ته وڏي ڳالهه نه آهي، ڪميٽي چيو ته ليسڪو ۾ اووربلنگ جي شڪايت آهي، صارفين کان 3 ارب روپيا اوڳاڙيا ويا، خورشيد شاهه چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ڪيترن ئي مهينن کان بار بار چوندي رهي، صارفين جو مسئلو حل ناهي ٿيو، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ليسڪوصارفين کان اووربلنگ تي ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جنهن ۾ عاشق گوپانگ، جاويد اخلاص ۽ صاحبزاده نذير سلطان شامل هوندا، ذيلي ڪميٽي لاهور ۾ اجلاس ڪندي، آڊٽ عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته نندي پور پاور پلانٽ مان گهٽ بجلي پيدا ٿيڻ سان 9 ارب 12 ڪروڙ جو نقصان ٿيو. جولاءِ 2015ع کان جون 2016ع جي دوران هڪ ارب 32 ڪروڙ 16 لک يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، ان دوران پلانٽ جي پيداواري صلاحيت 2 ارب 23 ڪروڙ 38 لک يونٽ هئي، 91 ڪروڙ 21 لک يونٽ گهٽ بجلي پيدا ٿيڻ سان 9 ارب 12 ڪروڙ جو نقصان ٿيو. پي اي سي نندي پور پاور منصوبي جي لاڳت ۾ اضافي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. خورشيد شاهه چيو ته منصوبي جي لاڳت 22 ارب مان وڌي 66 ارب ڪيئن ٿي وئي، خورشيد شاهه چيو ته ڇا اسان انهن منصوبن جو جائزو وٺي سگهون ٿا جنهن ۾ عالمي ثالثي عدالتن ۾ پاڪستان تي ڏنڊ وڌو ويو، هاڻي 271 ارب روپيا رهجي ويا آهن، اين ٽي ڊي سي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته لاکڙا پاور پلانٽ جي مرمت نه ٿيڻ سبب 47 ڪروڙ 73 لک روپين جو نقصان ٿيو، نقصان بجلي جي پيداواري رڪاوٽ جو شڪار ٿيڻ سبب ٿيو، مظفر ڳڙهه جي ٽن سالن کان بند پاور پلانٽ ۾ اوور ٽائيم ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ 107 ملازمن تي هڪ ارب خرچ ٿيو، خورشيد شاهه چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته صرف 107 ملازمن تي هڪ ارب جا خرچ ٿيا، ڪميٽي هڪ مهيني ۾ خرچن جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي، پي اي سي جي چيئرمين سيد خورشيد شاهه لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پگهارن، اوور ٽائيم، بلنگ ۽ ٻين خرچن بابت به رپورٽ ڏيو، خورشيد شاهه چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندي آهي، مهيني جي آخر ۾ بل ڏيندا آهن ۽ هڪ ڏينهن ۾ بل جمع ڪرائڻو هوندو آهي، بل جي وصولي ۾ رويو ظالماڻو آهي، ڪي اليڪٽرڪ هڪ ڏينهن جي دير تي وڏو ڏنڊ وٺندي آهي، ٽن ڏينهن جي دير ٿيڻ تي بجلي ڪٽي ويندي آهي، ڪي اليڪٽرڪ پاڻ وفاق جي 20 ارب روپين جي قرضي آهي.