جمهوري ۽ معاشي طور تي مضبوط پاڪستان اسان جو ويزن آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

جمهوري ۽ معاشي طور تي مضبوط پاڪستان اسان جو ويزن آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

ڪراچي (پاکستان نیوز پوائنٹ 19اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته جمهوري ۽ معاشي طور تي مضبوط پاڪستان اسان جو ويزن آهي، اسٽريٽجڪ پاليسي تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، ڪراچي شپ يارڊ ۾ ترڪيءَ جي شپ بلڊنگ فرم جي تعاون سان ٺهندڙ 17 هزار ٽن فليٽ ٽينڪر مقرر مدي کان ٻه مهينا اڳ مڪمل ٿيڻ تي ڪراچي شپ يارڊ، پاڪ بحريه ۽ دفاعي پيداوار واري وزارت کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته ترڪيءَ سان اسان جا معاشي، سماجي ۽ تهذيبي لاڳاپا آهن، دفاع واري شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي تعاون کي وڌيڪ وڌايو ويندو، پاڪستان ۽ ترڪيءَ پراڻا دوست آهن، پاڪ بحريه جي فليٽ ٽينڪر کي سدائين پاڪ ترڪ دوستي جي علامت طور تي ياد رکيو ويندو، حڪومت سمورن فني شعبن ۾ پاڻڀرائپ جي پاليسي جي مدد جاري رکندي، گوادر کي مرڪز بڻائي علائقائي واپار ۽ ٽرانس شپمينٽ وسيلي وڌ کان وڌ فائدا حاصل ڪرڻ موجوده حڪومت جو عزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ڪراچي شپ يارڊ ۾ ترڪ شپ بلڊنگ فرم جي تعاون سان ٺهندڙ 17 هزار ٽن واري فليٽ ٽينڪر جي افتتاحي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. فليٽ ٽينڪر جمعي ڏينهن ڪراچي شپ يارڊ ۽ انجنيئرنگ ورڪس ۾ ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب ۾ لانچ ڪيو ويو. تقريب ۾ سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير رانا تنوير، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله، پرڏيهي ڪائونسل جنرل ۽ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد نواز شريف 17 هزار ٽن فليٽ ٽينڪر ٺاهڻ تي ڪراچي شپ يارڊ ۽ ترڪيءَ جي شپ بلڊنگ فرم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن قدمن سان دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ عام طور تي ۽ جنگي جهازن جي تياري ۾ خاص طور تي پاڪ ترڪ گڏيل حصيداري ۾ اضافي جا امڪان پيدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته اهو پراجيڪٽ دفاعي پيداوار ۾ پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، حڪومت سمورن فني شعبن ۾ پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ واري پاليسي ۾ مدد جاري رکندي. وزيراعظم چيو ته گوادر کي مرڪز بڻائي علائقائي واپار ۽ ٽرانس شپمينٽ ذريعي وڌ کان وڌ فائدا حاصل ڪرڻ حڪومت جو عزم آهي ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سميت ملڪ ۾ تازا ترقياتي منصوبا اسان جي ان عزم ۾ مددگار آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڊگهي سامونڊي پٽيءَ موجود آهي جيڪا نار ملڪن تائين موجود آهي ۽ ڪراچي جي ٻن مالياتي ۽ صنعتي بندرگاهن تي زبردست واپاري ۽ سامونڊي اچ وڃ جون سرگرميون جاري آهن ۽ ملڪ جي مالياتي ۽ صنعتي بنياد ۾ اضافي سان انهن سرگرمين ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيندو ۽ اهڙين سرگرمين کي وڌائڻ جي لاءِ اضافي صلاحيت پيدا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته حڪومت ڪراچي کان گوادر تائين سمنڊ جي ڪنڌيءَ سان سامونڊي انفراسٽرڪچر کي مضبوط بڻائڻ جو پڪوپهه ڪيو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف ڪراچي شپ يارڊ جي عملي ۽ انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيو جن هن اداري کي منافعو ڏيندڙ ۽ ڪارائتو بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڪراچي شپ يارڊ سرڪاري شعبي ۾ ڪاميابي جو هڪ شاندار مثال آهي جنهن تي ٻنهي ادارن کي به عمل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته مقرر مدي کان ٻه مهينا اڳ ٽينڪر ٺاهڻ قوم جي لاءِ 70 هين آزادي جي ڏهاڙي جو تحفو آهي. وزيراعظم ڪراچي شپ يارڊ جي ملازمن جي لاءِ 100 ملين رپين جي بونس جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد نواز شريف پارن ربن ڪاٽڻ کانپوءِ جهاز کي سمنڊ ۾ لاٿو ويو. ان کان اڳ ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ايڊمرل سيد حسن ناصر شاهه پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته هي جهاز هيستائين پاڪستان ۾ ٺهندڙ سڀ کان وڏو جنگي جهاز آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ڪراچي شپ يارڊ ۽ انجنيئرنگ ورڪس ڪاميابي سان پاڪ بحريه جا ڪيترائي جنگي جهاز تيار ڪيا آهن. هن چيو ته پاڪ بحريه 4 آبدوزون ٺاهڻ جو وڏو منصوبو ڪراچي شپ يارڊ کي ڏئي ان جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو آهي، جيڪي چين جي حصيداري سان مڪمل ڪيون وينديون.