وزيراعظم پاڪ بحريه جي وارشپ فليٽ ٽينڪر جو افتتاح ڪري ڇڏيو

وزيراعظم پاڪ بحريه جي وارشپ فليٽ ٽينڪر جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي(پاکستان نیوز پوائنٹ 19اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ترڪيءَ جي تعاون سان تيار ڪيل پاڪ بحريه جي وڏي وارشپ فليٽ ٽينڪر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي اعليٰ عملدارن ۽ پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ربن ڪاٽي فليٽ ٽينڪر جو افتتاح ڪيو. ڪراچي شپ يارڊ جي فليٽ فرم تي ربن ڪاٽڻ کانپوءِ 17 هزار ٽن جي فليٽ ٽينڪر کي ٽگ بوٽ جي مدد سان سمنڊ ۾ لاٿو ويو. اهو فليٽ ٽينڪر دفاعي پيداوار واري وزارت ۽ پاڪ بحريه جي سهڪار سان ترڪيءَ جي ميسرز سوونما ٽيڪنولوگيلر مهنديسلڪ تيار ڪيو آهي. پاڪ بحريه جي اها فليٽ ٽينڪر لاجسٽڪ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ان فليٽ ٽينڪر جو خاڪو ترڪيءَ ٺاهيو آهي ۽ ان کي ڪراچي شپ يارڊ انجنيئرنگ ورڪس تيار ڪيو آهي. فليٽ ٽينڪر جي ڊيزائن موجوده وقت جي گهرجن سان هم آهنگ آهي، پنهنجي جديد ڊيزائن جي ڪري اهو فليٽ ٽينڪر دنيا جي ڪنهن به بندرگاهه تي آساني سان لنگرانداز ٿي سگهندو.