اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18اگست 2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته حرمين الشريفين طرف بري نظر سان ڏسندڙن کان وڏو شيطان ۽ انهن کان وڌيڪ ڪنڪڙين جو مستحق ڪير نه آهي، هڪ ضرب عضب دهشتگردن، انهن جي ٺڪاڻن ۽ سهولت ڏيندڙن جي خاتمي لاءِ شروع ڪئي وئي ۽ نظرياتي ضرب عضب عالم سڳورن شروع ڪئي آهي، عالم سڳورن فڪري ضرب عضب ذريعي اسلام جي اصل تشخص کي دنيا آڏو پيش ڪيو، دنيا اڄ تسليم ڪري رهي آهي ته دهشتگردي جو اسلام ۽ مسلمانن سان ڪو تعلق نه آهي. هو هتي پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ندائي امت ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪانفرنس ۾ سعودي عرب، فلسطين، اردن، يمن جي سفيرن، عالم سڳورن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي جن ڪوئيٽا دهشتگردي ۽ سعودي عرب ۾ دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان علماءِ ڪائونسل پوري دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسلمانن جي ٿورن جي مستحق آهي جن امن جي سوچ کي وٺي دنيا ۾ اسلام جي اصل تشخص کي اجاگر ڪيو ۽ ان سوچ جو رستو روڪيو جنهن ذريعي دهشتگرد زبان بدران هٿيار کڻي محبت بدران نفرت ۽ امن بدران فساد پکيڙي منهنجي ۽ توهان جي دين کي بدنام ڪري رهيا هئا. هن چيو ته عالم سڳورا اهو جهنڊو بلند نه ڪن ها ۽ فڪري ضرب عضب کي کڻي نه نڪرن ها ته دهشتگرد اسان جي دين جي منفي ۽ ڀيانڪ تصوير ٺاهي دنيا آڏو پيش ڪري رهيا هئا ۽ عالم سڳورن جي ڪوششن جو نتيجو آهي جو آمريڪي صدر اوباما، فرانس جو صدر ۽ يورپي يونين جا اڳواڻ اهو اعتراف ڪري رهيا هئا ته جيڪي دهشتگردي جا واقعا سندن ملڪن ۾ ٿيا آهن انهن جو اسلام ۽ مسلمانن سان ڪو تعلق نه آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون ڪنهن معاشي يا معاشرتي ايجنڊا تي نه آهن پر هڪ نقطي تي ٿي رهيون آهن، هڪ اميدوار دهشتگردي کي اسلام ۽ مسلمانن سان ڳنڍي رهيو آهي ۽ چوي ٿو ته مسلمانن کي آمريڪا ۾ رهڻ نه ڏنو ويندو جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ اميدوار هيلري ڪلنٽن چوي ٿي ته اسلام ۽ مسلمانن سان انهن واقعن جو ڪو تعلق نه آهي ۽ هيلري جي موقف کي پذيرائي ملي رهي آهي جيڪو عالم سڳورن جي نظرياتي فڪر کي عام ڪرڻ جي ڪوششن جو نتيجو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته اهو ڪريڊٽ عالم سڳورن سان گڏوگڏ امام ڪعبه ۽ مدينته المنوره جي عوام ڏانهن به وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان علماءِ ڪائونسل ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن ماڻهن مان اميد آهي ته حق ۽ سچ جو اهو پيغام پکيڙيندا رهندا ته جيئن دهشتگردن کي ماڻهو ئي نه ملن جن کي هو خودڪش حملن جي لاءِ استعمال ڪري سگهن. هن چيو ته هڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي ۽ انسانيت کي بچائڻ ۾ توهان جو ڪردار توهان جي اعمال نامي ۾ نيڪين جو سبب بڻجندو. وفاقي وزير چيو ته ڪنهن به مذهب جي لاءِ عبادتگاهه کان وڌيڪ ڪا شيءَ مقدس ناهي هوندي ۽ مسلمان امت جي لاءِ خانه ڪعبه ۽ مسجد نبوي صه کان وڌيڪ مقدس جاءِ ڪا نه آهي ۽ حرمين الشريفين جيڪو اسان سڀني جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي. هن چيو ته وزيراعظم سياسي قيادت جي مشاورت سان قومي سلامتي جي ادارن ذريعي آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو جنهن ذريعي دهشتگردن، انهن جي تنظيمن، انهن جي ٺڪاڻن، سهولت ڏيندرن ۽ وسيلن جو خاتمو ڪيو پيو وڃي ان سان گڏوگڏ فڪري ضرب عضب پڻ ضروري هئي جنهن ذريعي انتهاپسند سوچ کي ختم ڪري اسلام جي اصل تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي، جنهن تي عالم سڳورا مبارڪباد جا مستحق آهن. هن چيو ته نظريي جي فتح جي جنگ جو علم توهان جي هٿن ۾ آهي ۽ اسان سڀ توهان جا مجاهد آهيون. هن ندائي امت ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي حافظ طاهر محمود اشرفي جي ڪوششن کي ساراهيو.
حرمين الشريفين طرف بري نظر سان ڏسندڙن کان وڏو شيطان ۽ انهن کان وڌيڪ ڪنڪڙين جو مستحق ڪير نه آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد
9 سال پھريان
