مريم اورنگزيب پاران ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت

مريم اورنگزيب پاران ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 23جون2017ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ڪوئيٽا ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙيون عوام دشمن ۽ ڪڌيون ڪارروايون، دهشتگردي جي خلاف پاڪستاني قوم جي عزم ۽ همت کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته دهشتگردي جي خلاف پوري قوم متحد ۽ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل آهي، هن چيو ته پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي سان ساڙ ڪندڙ پنهنجي ناپاڪ ايجنڊا ۾ ناڪام ٿيندا. مريم اورنگزيب چيو ته قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، اسان جي سڀاڻي جي لاءِ هو پنهنجو اڄ قربان ڪري رهيا آهن. هن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.