سينيٽ چيئرمين پاران ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي مذمت

سينيٽ چيئرمين پاران ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 23جون2017ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏيندي چيو آهي ته دهشتگرد افراتفري پکيڙي ترقي جي عمل کي روڪڻ چاهين ٿا جنهن ۾ هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پوئينرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ان کانسواءِ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽ ۾ قائدايوان راجا ظفر الحق ۽ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن به ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي جڏهن ته پوئينرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هنن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي۔