وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي جي مذمت

وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 23جون2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي جي مذمت ڪئي آهي ڪنهن ۾ بي گناهه ماڻهو شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي سطح تي لاڳاپيل عملدارن کي ان ڪڌي ڪارروائي ڪندڙن جو پتو لڳائڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. هن صوبائي حڪومت کي هي به هدايت ڪئي ته هو زخمين کي هر ممڪن بهترين طبي سهولتون فراهم ڪري. وزيراعظم قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه ڏي ۽ سوڳوار خاندانن کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. هن چيو ته اهڙي قسم جا بزدلاڻا حملا دهشتگردن ۽ انتهاپسندن جي وڌندڙ مايوسي جي علامت آهن جيڪي رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ بي گناهه شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته اهڙي قسم جا عنصر ڪنهن به طور تي قابل رحم نه آهن ۽ هو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پوري قوم جي اڻٽر ۽ متفقه عزم جي ڪري جلد پنهنجي انجام تي پهچي ويندا.