صدر پاران ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت

صدر پاران ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 23جون2017ء) صدر ممنون حسين ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي جي شديد مذمت ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جو جلد خاتمو ٿي ويندو، جمعي ڏينهن صدر متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ۽ تعزيت ڪندي صوبائي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ زخمين جي علاج لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. هن چيو ته دهشتگرد آخري ساهه کڻي رهيا آهن ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين رياستي ادارا سک سان نه ويهندا. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف پوري قوم متحد آهي، اهڙا واقعا قومي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن.