سينيٽ جي ريلوي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي ريلوي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22جون2017ء) سينيٽ جي ريلوي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سردار فتح محمد حسني جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ريلوي ۾ شمسي توانائي جو اهڙو جديد ٽريفڪ سگنل نظام آندو پيو وڃي جنهن تحت ريلوي ٽريڪ تي گاڏي جي ڊرائيور کي ساڍا ٽي ڪلوميٽر تائين ريلوي لائين تي موجود ڪنهن به سرگرمي جي آگاهي جي لاءِ الارم سسٽم موجود هوندو، پنجاب ۾ بغير ملازم 75 ريلوي گيٽن جي لاءِ پنجاب حڪومت 61 ڪروڙ روپيا ۽ سنڌ حڪومت 15 گيٽن جي لاءِ 8 ڪروڙ روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، ٻڌايو ويو آهي ته انهن قدمن سان حادثن ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي. ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته خط لکڻ جي باوجود بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا حڪومتن اڃان تائين جواب ناهي ڏنو ۽ ٻڌايو ته عيدالفطر ۽ ان جي ٻئي ڏينهن 5 لک مسافرن کي ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جي رعايت ڏني وئي آهي. ڊي ايڇ اي بهاولپور کي ريلوي جي 34 ايڪڙ زمين جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته چيف سيڪريٽري پنجاب جي وڏي وزير کي موڪليل سمري واپس وٺي ڇڏي آهي جنهن تي ڪميٽي چيئرمين سينيٽر سردار فتح محمد حسني چيو ته ڊپٽي ڪمشنر غير قانوني طور تي ڊي ايڇ اي بهاولپور کي زمين ليز تي ڏني. لاهور ۾ ٿيندڙ ايندڙ اجلاس ۾ ريلوي واري وزرات، پنجاب صوبي جو چيف سيڪريٽري، دفاع واري وزرات تفيصلن کان آگاهه ڪندي، وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته معاملو سول عدالت ۾ آهي، اعليٰ عدليه سان به رجوع ڪنداسين، ڊي ايڇ اي کي 34 ايڪڙ ريلوي زمين فراهمي سان 140 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ جو رخ تبديل ڪرڻو پيو، لاهور اجلاس ۾ بورڊ آف روينيو عملدارن کي به طلب ڪيو وڃي. چمن، بلوچستان ۾ ريلوي جي زمين اتصلات جي حوالي ڪرڻ ۽ ناڻي واري وزارت طرفان زمين جي ماليت جي ريلوي جي ادائيگي جي معاملي تي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ناڻي واري وزارت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ريلوي کي ادائيگي جي خاطري ڪرائي هئي. ناڻي واري وزارت زمين ڏياري، ذميداري به ورتي، ٻن هفتن ۾ ادائيگي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڪميٽي ڪارروائي جي شفارش ڪندي. وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته هاڻي گهڻو ٿي ويو آهي قانوني گهرجن کي ڏسي عدالت سان رجوع ڪنداسين، سينيٽر تاج حيدر چيو ته چندريگر روڊ جون انتهائي مهانگيون جائيدادون به اتصلات جي حوالي ڪيون ويون، ريلوي اسڪريپ جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته 2013ع کان پهرين هڪ هٺي واري مافيا تمام گهٽ رقم جمع ڪرائي ڪيترائي هزار ٽن اسڪريپ کڻي وٺندي هئي نئين پاليسي تحت هر ڊويزن ۾ موجود اسڪريپ جا ٽينڊر ٿيندا آهن، 2 هزار ٽن جي لڳ ڀڳ ڍير نيلام ڪرڻ سان مقابلي سبب ننڍا ٺيڪيدار به شامل ٿي ويندا آهن، گذريل ٽن چئن سالن کان ڪوبه آڊٽ اعتراض نه آهي، اسڪريپ جي مد ۾ هن سال 413 ملين ڪمايا آهن، ۽ هدف 450 ملين تائين آهي، 80 ملين ايف بي آر کي ٽيڪس ڏيندا، نئون فرنس پلانٽ لڳايو پيو وڃي، نئين پٽڙي لاءِ 80 فوٽ ڊگهي لوهي جا ٽڪرا 62 روپيا في ڪلو خريد ڪيا پيا وڃن ۽ 50/40 سال جو پراڻو لوهه 50 روپيا ڪلو وڪرو ڪري بچت ڪئي پئي وڃي، سينيٽر تاج حيدر تجويز ڏني ته ڪچي مال کي استعمال ۾ آڻي ريلوي واري وزارت ريل جو پٽڙيون پاڻ تيار ڪري. جنهن تي وفاقي وزير ٻڌايو ته ايڇ ايم سي ۽ ريلوي گڏيل منصوبي تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪميٽي چيئرمين چيو ته ريلوي کي واپاري بنيادن تي هلايو وڃي پگهارون وڌايون وڃن ۽ پاڪستان ريلوي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفاقي وزير ٻڌايو ته گذريل سال 36 ارب ڪمايا هن سال جي آخر تائين 40 ارب جو هدف آهي ايندڙ ٽن سالن ۾ ڪمائي 53 ارب تائين وٺي وينداسين، ريلوي کي فريٽ جي ذريعي وڌيڪ بچت ٿي رهي آهي، ساهيوال ڪول پراجيڪٽ لاءِ ريلوي خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، ڄامشورو منصوبي لاءِ به لوڪو موٽو جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. فريٽ جي بچت مسافرن جي سهولت لاءِ استعمال ٿيندي آهي، پاڪستاني فوج کان هڪ ارب 80 ڪروڙ جي ڪمائي ٿي، پر ملازمن جي پگهارن ۽ پينشنز جا خرچ تمام وڌيڪ آهن. سينيٽر تاج حيدر ٻڌايو ته ڪيٽي بندر ۽ ٿر رٿا تي ڪم تيزي سان جاري آهي جنهن لاءِ ريلوي ٽريڪ جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو هدف آهي ان کانسواءِ ريل جي ذريعي ڪوئلو وڪري لاءِ فراهم ڪري سگهجي ٿو، قومي خدمت جي طور تي ٿرڪول مائن جو ٺيڪو پاڪستان ريلوي حاصل ڪري، وفاقي وزير چيو ته ريلوي واري وزارت مڪمل تعاون ڪندي ۽ آئون پاڻ به ڪردار ادا ڪندس. ريلوي حادثن جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل ڇهه مهينن ۾ صرف 18 حادثا ٿيا، پارلياماني نگراني ۽ وزارت جي سخت قدمن سبب بهتري آئي آهي، ڊرائيور ۽ اسسٽنٽ ڊرائيور جي ذهني ۽ جسماني تربيت شروع ڪئي وئي آهي، نظر، بلڊ پريشر ۽ ٻين بيمارين جي ماهوار ٽيسٽ ورتي ويندي آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته ڊرائيور جي 70 هزار پگهار گهٽ آهي، هڪ لک ماهوار تائين پيڪيج ڪنداسين، ڀرتين تي پابندي سبب رٽائرڊ ڊرائيور کي به ٻيهر ڀرتي ڪرڻو پيو. سينيٽر حافظ حمد الله ڪوئيٽا چمن ٽريڪ جي بدحالي جو معاملو اٿاريو جنهن تي وفاقي وزير ٻڌايو ته سبي، هرنائي سيڪشن نئون بڻايو پيو وڃي، ڪوئيٽا، بسيمه، گوادر، روهڙي سيڪشن جي فزيبلٽي اسٽيڊي مڪمل ٿي وئي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اڄوڪي اجلاس ۾ سينيٽر تاج حيدر، ثمينه عابد، ظفر الله خان ڍانڍله، حافظ حمد الله، زاهده خان کانسواءِ ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، ريلوي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.